Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڊونيشن سيل/ڊونيشن ڪاؤنٽر(ٽيبل ڪرسي) / مدني عطيات جي لاءِ جھوليون لڳائيندي آهي۔ ان جي لاءِ هفتيوار سنّتن ڀري اجتماعات، جمعة المبارڪ، مدني مذاڪره ۽ هجوم واري هنڌن مثال طور لاري اڏو، سبزي منڊي، جمعه بازار ۽ مارڪيٽن ۾ مدني عطيات جا بستا لڳايا ويندا آهن۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ  سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوتصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي  سُنّت سان  مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا                                    جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا

مهمان نوازي جون سنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! مهمان نوازي جون سُنتون ۽ آداب ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان (3) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو۔(1)جيڪو شخص (قدرت باوُجُود) مهمان نوازي نٿو ڪري ان ۾ ڀلائي ناهي۔ (مُسند احمد ،۶/ ۱۴۲،حديث: ۱۷۴۲۴) (2) انسان جي ڪم عقلي آهي ته هو پنهنجي مهمان کان خدمت وٺي۔ (اَلْجامِعُ الصَّغِير،ص۲۸۸،حديث :۴۶۸۶) (3) سنّت هي آهي ته انسان مهمان کي دروازي تائين رخصت ڪرڻ وڃي۔ (ابن ماجه،۴/۵۲، حديث:۳۳۵۸) ٭ مهمان کي گھرجي ته پنهنجي ميزبان جي مصروفيتن ۽ ذِمّيدارين جو لحاظ رکي۔ ٭ صَدرُالشّريعه حضرت مفتي محمد امجدعلي اعظميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: مهمان لاءِ چار ڳالهيون ضَروري آهن: (۱) جتي ويهاريو وڃي اتي ويهي۔ (۲) جيڪو ڪجھ ان جي اڳيان پيش ڪيو وڃي ان تي خوش ٿئي، (ائين نه ٿئي جو چوڻ لڳي: ان کان سٺو ته مان پنهنجي ئي گھر کائيندو آهيان يا اهڙي قسم جا ٻيا لفظ)۔ (۳) ميزبان کان اجازت وٺڻ بِغير اتان