Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

    (ترمذي،ڪتاب البر والصله، باب ماجاء في اجلال الڪبير،۳ /۴۱۱، حديث :۲۰۲۹) (فيضان سيداحمد ڪبيررفاعي ،ص۱۴)

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! اسان جي بزرگن جو اندازِ زندگي ڪيتري قدر بهترين هو جو ڪٿي ڪنهن سان حُسنِ سلوڪ سان پيش ايندا هئا ته ڪڏهن بيمارن جي تيمارداري ڪندا هئا، ڪٿي محتاجن ۽ پريشان حالن جي مدد ڪندا هئا ته ڪٿي نابينن ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن جي خَير خواهي ۽ دِلجوئي ڪندا هئا۔ مطلب اهي حضرات مٺي آقا، مديني واري مصطفيٰصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن فرمانِ ذيشان: خَيرُ النَّاسِ اَنْفَعُهمْ لِلنَّاسِ يعني بهترين شخص اهو آهي جيڪو ماڻهن کي فائدو پهچائي۔ (جامع صغير، ص۲۴۶،حديث:۴۰۴۴) جي عملي تصوير هوندا هئا۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن هن پُرفتن دَور ۾ اسان سڀ هڪ ٻي جي غمخواري ۽ غمگُساري ۾ لڳي وڃون ته هڪدم دُنيا جو نقشو ئي بدلجي وڃي۔ اڄ به جيڪڏهن خيرخواهي جي مشڪبار هوا اسان جي معاشري ۾ هلي پوي ته قتل و غارت گري، ڌوڪو ڏيڻ، بدنيتي، چوري چڪاري، ڪوڙ ۽ بدديانتي، غيبت ۽ بدنگاهي جهڙا هزارين ناسُور پنهنجو موت پاڻ مري ويندا۔ پر هاءِ! هاڻ ته ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهي رهيو آهي، اڄ مسلمان جي عزّت وآبرو ۽ ان جي جان ومال مسلمان ئي جي هٿان برباد ٿيندي نظر اچي پيو۔ الله پاڪ اسان کي نفرتون مٽائڻ ۽ مَحَبَّتون وڌائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

خيرخواهي جون مختلف صورتون

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! اُمّت مسلمه جي خير خواهي جو جذبو پنهنجي اندر بيدار ڪرڻ جي لاءِ اُمّت جي خيرخواهي جون مختلف صورتون ٻڌون ٿا، جن تي عمل پيرا ٿي اسان اُمّتِ مُسلمه جي خير خواهي ڪرڻ جو عظيم ثواب حاصل ڪري سگھون ٿا، جيئن

٭ ڪنهن بيمار جي عيادت ڪرڻ خيرخواهي آهي،فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جنهن مريض جي عيادت ڪئي، جيستائين اهو ويهي نه رهي، درياءِ رحمت ۾ غوطو لڳائيندو رهي ٿو ۽ جڏهن ويهي رهي ته رحمت ۾ ٻڏي ويندو آهي۔