Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

خبرگيري ڪندا رهن، مدني مشورن، سُنّتن ڀري اجتماعن، هفتيوار اجتماع ۽ مدني مذاڪري وغيره ۾ نه اچڻ وارن سان رابطو ڪن، نه اچڻ جا سبب معلوم ڪن، ڪٿي ائين نه ٿئي جو فقط مدني ڪمن جي ڪارڪردگي جي لاءِ ئي اسان هر هر رابطو ڪريون ۽ جڏهن هو ڪنهن مصيبت ۽ آزمائش ۾ مبتلا ٿين ته اسان انهن کان پڇون به نه۔

نبي پاڪ،صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: هڪ مسلمان جڏهن پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي عيادت جي لاءِ ويو ته واپس موٽڻ تائين جنت جا ميوا چونڊڻ ۾ رهيو۔    (مسلم، ڪتاب البر.. إلخ، باب فضل عيادة المريض،ص۱۰۶۵، حديث: ۶۵۵۱)

معلوم ٿيو! عيادت ڪرڻ فضيلت ۽ وڏي ثواب وارو ڪم آهي۔ اسان جا بزرگ سڳورا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيهم اجمعين هن وصف ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هئا۔ ڪڏهن ته اهي فقط ان نيڪ ڪم جي لاءِ ڪيئي ڪيئي ڏينهن جو سفر ڪندا هئا۔ جيئن

سِلسلي رَفاعِيه جي عظيم پيشوا حضرت سَيدُنا امام احمد ڪبيررفاعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جي باري ۾ منقول آهي ته هو ڳوٺ جي ڪنهن شخص جي بيماري جو ٻڌندا هئا ته ان وٽ وڃي ان جي عيادت ڪندا هئا جيتوڻيڪ رستو ڪيترو ئي پري ڇو نه هجي ۽ (ڪڏهن ڪڏهن) اچ وڃ ۾ هڪ ٻه ڏينهن لڳي ويندا هئا، ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته پاڻ رستن تي بيهي نابينن جو انتظار ڪندا هئا جيڪڏهن ڪو ملي ويندو هو ته هٿ پڪڙي ان کي منزل تائين پهچائيندا هئا۔                                       (فيضانِ سيداحمد ڪبير رفاعي،ص۱۳)

وڏي عمر وارن ماڻهن تي شَفقت

          حضرت سَيدُنا امام احمد ڪبير رفاعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جڏهن ڪنهن وڏي عُمر واري شخص کي ڏسندا هئا ته ان جي پاڙي وارن وٽ ويندا هئا ۽ انهن کي سمجھائيندي اها حديثِ پاڪ ٻڌائيندا هئا ته حضور نبي ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جيڪو پوڙهي مسلمان جي عزّت ڪري ٿو، الله پاڪ ان جي پوڙهائپ جي وقت ڪنهن ٻي کي ان جي عزّت (Respect) ڪرڻ تي مُقرر ڪندو آهي۔