Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

طرح جي تڪليف ٿي جو ڊاڪٽرن آپريشن جي تجويز ڏني۔ هن آزمائش جي ڪري مان ڪافي پريشان هئس۔ ان دوران مون کي سڀ کان وڌيڪ فون مرحوم نگرانِ شُوريٰ حاجي محمد مشتاق عطاريرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه ڪيا۔ پاڻ فون تي فرمائيندا هئا: ڀاءُ گھر ۾ سڀني جي طبيعت ڪيئن آهي؟ ٻارن جي امڙ جي طبيعت ڪيئن آهي؟ اوهان مدني ڪمن جو جدول پنهنجي اعتبار سان ٺاهجو، پهريان گھر کي ڏسو، آپريشن) (Operation ڪرايو يا ناهي ڪرايو؟، ڇا رپورٽ آئي؟ گھر وارن جو خيال رکجو۔ گفتگو جو اختتام هيئن ڪندا هئا: ”منهنجي لاءِ ڪا خدمت هجي ته ضرور ارشاد فرمايو، ڪنهن شيء جي ضرورت هجي ته ضرور ياد ڪجو۔“ ان کان بعد پاڻ خوب دعائن سان نوازيندا هئا۔ حاجي مشتاق عطاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جي دل جوئي ۽ خيرخواهي جو اهو اخلاص ڀريو انداز اڄ به ياد اچي ٿو ۽ سندن شفقتن جي مهڪ اڄ به منهنجي دل و دماغ کي معطر ڪندي آهي۔ (عطار کا پيارا، ص۱۴۲) اچو! پنهنجي ۽ مسلمانن جي لاءِ الله پاڪ کان دعا گھرون ٿا:

جو ہیں بیمار صحّت کے طالب                          ان پہ فرما کرم ربِّ غالب

تجھ سے رَحم و کرم کی دُعا ہے                     یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے

میری جان آفَتوں سے چھڑانا        مُوذی اَمْراض سے بھی بچانا

تجھ کو صِدّیق کا واسطہ ہے                             یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”مدني مذاڪرو “

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۽ اَميرِاهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي صحبت جي برڪت سان ڪهڙي طرح مسلمانن کي پنهنجي مسلمان ڀائرن جي خيرخواهي جو جذبو ملندو آهي۔ اسان به خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفيٰ جو پيڪر بڻجڻ، گناهن کان نفرت ڪرڻ، نيڪي جي دعوت ۽ اُمّت مُسلمه جي خيرخواهي ۽ غمخواري جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ماحول سان وابسته رهون ۽