Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

دوري ۾ شرڪت ڪرڻ وارو، درس ۽ بيان ٻڌڻ وارو، مدني مذاڪري جي پابندي ڪرڻ وارو، هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ وڃڻ وارو مطلب ته ڪو به اسلامي ڀاءُ ڪنهن ڏينهن نه اچي سگھي ته ان جي گھر وڃي يا گھٽ مان گھٽ فون/واٽس ايپ ڪري ئي ان جي خيريت ته دريافت ڪري وٺندا ڪريون۔

اچو! هن باري ۾ اَمِيرِ اهلسنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مَولانا ابوبلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا معمولات ٻڌون ٿا۔

اَمير ِاهلسنت ۽ اُمّت جي خير خواهي

          امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ وڏين مصروفيتن جي باوجود اڃا به مسلمانن سان مختلف انداز سان خيرخواهي ڪندا رهن ٿا۔ جڏهن ڪنهن جي باري ۾ معلوم ٿيندو آهي ته هو ڪنهن آزمائش ۾ مبتلا آهي يا بيمار آهي ته ان جي عيادت ڪندا آهن، بيمارن جي لاءِ شفايابي ۽ پريشان حالن جي پريشاني پري ٿيڻ جون دعائون ڪندا آهن، ڪنهن اسلامي ڀاءُ جو انتقال ٿي وڃي ته حتي المقدور فون (Phone) ڪري يا صوتي پيغام(Voice Message) يا صوري پيغام(Video Message) جي ذريعي انهن جي عزيزن قريبن سان تعزيت ڪن ٿا، مرحوم جي لاءِ بخشش ۽ مغفرت جي دعا ڪندي ۽ خيرخواهي ڪندي گھر ڀاتين کي نيڪي جي دعوت ۽ صبر جي فضيلتن تي مشتمل مدني گلن سان نوازيندا آهن۔

          امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اسان کي مدني انعامات جو جيڪو عظيم تحفو عطا ڪيو آهي، هن ۾ به هن ڳالھ جي ترغيب اِرشاد فرمائي آهي، جيئن مدني انعام نمبر53 ۾ آهي: ڇا اوهان هن هفتي گھٽ مان گھٽ هڪ مريض يا ڏکايل جي گھر يا اسپتال وڃي سنّت مطابق غمخواري ڪئي؟ ۽ ان کي تحفو (مڪتبة المدينه جو شايع ڪيل رسالو يا پمفلٽ) پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ تعويذاتِ عطّاريه جي استعمال جو مشورو ڏنو؟

امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ صرف پاڻ ئي مسلمانن جي خيرخواهي ناهن