Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

کي روڪي نه سگھي۔ سندن سيرت مبارڪ جا بيشمار اهڙا واقعا آهن، جن ۾ پاڻ پنهنجي رعايا جي خبر گيري ڪندي انهن جي مختلف مسئلن کي حل فرمايو۔ اچو! ان طرح جا ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا،جيئن

بُکايل ٻارن واري خاتون جي فرياد رسي

          سيدُنا عمرفاروقِ اعظمرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه پنهنجي خادم حضرت اسلم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه سان گڏ رات جي وقت مديني شريف جو دورو ڪري رهيا هئا، هڪ عورت پنهنجي ٻارن سان پنهنجي گھر ۾ موجود هئي، جيڪا رات جي وقت پنهنجن ٻارن کي تسلي ڏيڻ جي لاءِ ديڳڙي ۾ پاڻي وجھي چُلهه تي چڙھائي ويٺي هئي، سيدُنا فاروقِ اعظمرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ان جي داد رسي فرمائي، پنهنجي ڪلهن تي کاڌي جو سامان کڻي آيا، پاڻ پنهنجن هٿن سان پچائي ان عورت جي ٻارن کي کارايو، جيستائين اهي ٻار سمهي نه رهيا، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه اتي ئي رهيا، ان کان پوءِ پاڻ موٽي ويا۔ ( الڪامل في التاريخ،۲/۴۵۳ ملخصاً)

معذور، نابين، پوڙهي عورت جي مدد

حضرت سيدُنا امام اَوزاعيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه کان روايت آهي ته هڪ ڀيري رات جي وقت امير المؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظمرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه پنهنجي گھران نڪتا ته حضرت سيدُنا طلحه بن عبيد الله رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه انهن کي ڏسي ورتو ۽ خاموشي سان سندن پيڇو ڪرڻ لڳا ته ڏسان امير المؤمنين هن وقت ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن؟ سيدُنا فاروقِ اعظمرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه هڪ گھر ۾ داخل ٿيا۔ ڪجھ دير کان بعد ٻاهر آيا ۽ پوءِ هڪ ٻئي گھر ۾ داخل ٿيا۔ حضرت سيدُنا طلحه بن عبيد الله رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ان گھر کي ذهن ۾ رکيائون ۽ صبح جو ان گھر ۾ ويا ته ڏٺائون ته ان گھر ۾ هڪ پوڙهي، معذور نابين خاتون رهي ٿي۔ ان کان پڇيائون: مَا بَالُ ھٰذَ الرَّجُلِ ياْتِيک؟ يعني اهو شخص تنهنجي گھر ۾ ڇو ٿو اچي؟ ان چيائين: اهو شخص مون وٽ ڪافي عرصي کان اچي پيو، (مان جيئن ته معذور آهيان) هو منهنجا گھريلو ڪم ڪار ڪندو آهي، منهنجي تڪليفن کي پري ڪندو آهي۔             

(حلية الاولياء،عمر بن الخطاب، ۱/۸۴)