Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

٭ سندن جي ڪُنيت ”ابُوحَفص“ ۽ لقَب ”فارُوقِ اَعظم“ آهي۔ ٭ سندن جي اِسلام قَبول ڪرڻ سان مُسلمانن کي گھڻي خُوشي ٿي ۽ انهن کي تمام وڏو سهارو ملي ويو، ايستائين جو حُضُور رحمتِ عالَم،جانِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مُسلمانن سان گڏجي حَرَمِ مُحتَرم ۾ اِعلانيه نَماز اَدا فرمائي۔ ٭ پاڻ اِسلامي جنگن ۾ مُجاهدانه شان سان شريڪ ٿيا ۽ تمام مَنصُوبه بندين ۾ شاھ خَيرُالاَنام، رسُولِ عالي مَقام صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وزير ۽ مُشير جي حَيثيت سان وَفادار ۽ رفيق رهيا۔ ٭ پاڻ تَختِ خِلافت تي رَونق اَفروز ٿي جانَشيني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون سموريون ذِمّيواريون تمام سٺي انداز سان سر اَنجام ڏنيون۔ ٭ پاڻ مُرادِ رسول هئا (يعني رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دُعائن جي قبوليت جو نتيجو هئا) ٭ سندن جو قلب انوارِ الٰهي سان خوب روشن هو ٭ پاڻ بصيرت ۽ دانشمندي جا روشن چراغ هئا ٭ سندن جي جرئت ۽ بهادري، عاجزي ۽ سادگي، همت ۽ مردانگي، حوصلو ۽ استقامت، ديانت ۽ امانت، ذهانت ۽ فَطانت ۽ صبر جا مثال اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ نقش آهن۔ ٭ پاڻ پنهنجي هڪ هڪ عادت کي سنّتن جو پيڪر بڻائي رکيو هو، ملطب ته پاڻ گفتار ۽ ڪردار جا حقيقي غازي هئا۔ ٭ نَمازِ فَجر ۾ هڪ بدبخت سندن تي خنجر سان وار ڪيو ۽ پاڻ زَخمن کي نه سهندي ٽئين ڏينهن شَرفِ شَهادَت سان سَرفَراز ٿيا۔ وَفات جي وقت سندن جي عُمر شريف 63 سال هئي۔ ٭ حضرتِ سَيدُنا صُهيب رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه سندن نَمازِ جنازه پڙھائي ۽ سندن کي روضه مُبارَڪه جي اندر حضرتِ سيدُنا صِدِّيقِ اَڪبر رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي ڀرسان دفن فرمايو ويو۔

        (الرّياض النضرة في مناقِب العَشرة ،۱/۲۸۵-۴۰۸-۴۱۸، ملخصاً،ملتقطا)

صحابہ اور اَہلِ بَیْت کی دل میں مَحَبَّت ہے                             بفیضانِ رضا میں ہوں گدا فاروقِ اعظم کا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اميرالمؤمنين سيدُناعمرفاروقِ اعظمرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي عادت سڳوري هئي ته پنهنجي رِعايا جي هر وقت خبر چار لهندا هئا، عرب جي ريگستان جي سخت اُس ۽ رات جي اونداهي به رِعايا جي خبرگيري کان اوهان