Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کي اُمّت جي خير خواهي جو ڪيترو جذبو هو جو مسلمانن جا امير، خَليفة المُسلِمِين هئڻ جي باوجود ماڻهن جي گھرن ۾ وڃي انهن جا گھريلو ڪم تائين ڪندا هئا۔ ياد رکو! ڪنهن مسلمان جي تڪليف پري ڪرڻ ۽ مشڪل وقت ۾ ان جي مدد ڪرڻ وڏي سعادت جي ڳالھ آهي۔ جيڪڏهن اسان پنهنجو هي ذهن ٺاهيون ته پنهنجي گھروارن، رشتيدارن، گڏ اٿندڙ ويهندڙن، ڪم ڪار ڪرڻ وارن سميت پنهنجي ڪنهن به مسلمان ڀاءُ کي چاهي ان کي سڃاڻندا هجون يا نه، ڪنهن پريشاني ۾ ڏسون ته تورِضاءِ الٰهي ۽ اُمّت جي خيرخواهي جي لاءِ پنهنجي استطاعت جي مطابق ان جي مدد ڪنداسين۔ ان جي برڪت سان اجر وثواب سان گڏوگڏ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هڪ پُراَمن معاشرو بڻائڻ ۾ ڀرپور معاونت ملندي۔

شيخ الحديث حضرت علامه عبد المصطفيٰ اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه هڪ حديثِ پاڪ تحت لکن ٿا: ”ٻين جو ڀلو چاهڻ“ ۽ هر مسلمان سان ”خير خواهي“ ڪرڻ، ان جي مفهوم ۾ وڏي وُسعَت آهي ۽ حقيقت ته هي آهي ته ”هر مسلمان جي خير خواهي“ هي هڪ اهڙو ڀلو عمل آهي جو جيڪڏهن هر مسلمان هن نبوي تعليم کي سيني سان لڳائي ان تي عمل شروع ڪري ته هڪ دَم مسلمانن جي بگڙيل معاشري ۾ تبديلي ايندي ۽ ”مسلم معاشرو“ آرام و راحت ۽ سڪون و اطمينان جو هڪ اهڙو گهوارو بڻجي وڃي جو دنيا ئي ۾ بِهشت (جنت) جي سڪون ۽ اطمينان جا جلوا نظر اچڻ لڳن۔ ظاهر آهي ته جڏهن هر مسلمان پنهنجي زندگي جو اهو مقصد ٺاهيندو ته مان هر مسلمان جي خير خواهي ڪندس ته هر قسم جي مڪر۽ فريب، نقصان، تڪليف، ظلم وستم، بُغض و حسد، خِلاف و شِقاق، عِنادو نِفاق، بدخواهي ۽ اِيذا رَساني ۽ سموري قبِيح (بُرين) عادتن (Features) جو مسلمانن جي گھرن مان جنازو نڪري ويندو ۽ هر مسلمان هر هڪ مسلمان جي لاءِ صلاح وفلاح ۽ نفعو پهچائڻ ۽ ڀلائي جي علاوه ڪجھ نه ڪري سگھندو، نه ڪجھ سوچي سگھندو، نه ڪو مسلمان