Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺون، ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم ”مدني مذاڪرو“ آهي، هن مدني ڪم جا بيشُمار دِيني ۽ دُنيوي فائدا آهن۔ جيئن، ٭ مَدَني مذاڪري جي بَرَڪت سان گناهن کان نفرت پيدا ٿيندي آهي. ٭ مَدَني مذاڪري سان علمِ دِين حاصل ٿيندو آهي۔ ٭ مَدَني مذاڪري ۾ دِيني معلومات ملڻ سان گڏوگڏ اَخلاقي تربيت به ٿيندي آهي۔ ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان اُمّتِ مُسلمه جي خيرخواهي جو جذبو نصيب ٿيندو آهي۔ ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان عاشقانِ رسول جي صحبت نصيب ٿيندي آهي۔

اچو! تَرغيب لاءِ هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪرڻ جي نِيت ڪريو۔ جيئن

گناهن کان توبه ڪيائين

واه ڪينٽ (پنجاب، پاڪستان) جي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته دعوت اسلامي جي مدني ماحول کان اڳ کوڙ نوجوانن جيان مان به ڪافي اَخلاقي بُرائين ۾ مبُتلا هئس۔ فلمون ڊراما ڏسڻ، ،راند روند ۾ وَقت برباد ڪرڻ منهنجو محبوب مَشغَلو هو۔ گھر ۾ مدني چينل هلڻ جي برڪت سان مدني مُذاڪرو ڏسڻ جي سَعادت نصيب ٿي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڳوڻن سڀني گُناهن کان توبه ڪري فرض ۽ واجب جو عامِل بڻجڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهيان، چهري تي هڪ مُشت ڏاڙھي شريف سجائي ورتي ۽ مدني حُليو به اَپنائي ورتو آهي، الله پاڪ جو وڌيڪ ڪرم هي ٿيو جو والِدَين خوشي سان ’’وقفِ مدينه‘‘(دعوتِ اسلامي جي ڪمن لاءِ پيش) ڪري ڇڏيو آهي۔

 گر  سنّتیں  سیکھنے  کا  ہے  جذبہ    تم آ جاؤ دیگا سکھا مدنی ماحول

تمہیں لطف آجائے گا زندگی کا                          قریب آکے دیکھو  ذرا  مدنی  ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

مقروض جي مدد