Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

نه اٿي ۽ (۴) جڏهن اتان کان وڃي ته ان جي لاءِ دُعا ڪري۔ (عالمگيري،۵/۳۴۴) ٭ گھر يا کاڌي وغيره جي مُعامَلات ۾ ڪنهن قسم جي تنقيد نه ڪري، ۽ نه ئي ڪوڙي ساراھ۔ ميزبان به مهمان کي ڪوڙ جي خطري ۾ وجھندڙ سُوال نه ڪري مثال طور چوڻ اسان جو کاڌو ڪيئن هو؟ اوهان کي پسند آيو يا نه؟ اهڙن موقعن تي جيڪڏهن نه پسند هئڻ جي باوُجُود مِهمان مُرَوَّت ۾ کاڌي جي ڪوڙي تعريف ڪندو ته گنهگار ٿيندو۔ ان طرح جو سُوال به نه ڪري ته ”اوهان پيٽ ڀري کاڌو يا نه؟“ ڇوته اتي به جواب ۾ ڪوڙ جو انديشو آهي ڇوته عادتِ ڪم خوري يا پرهيزي يا ڪنهن به مجبوري تحت گھٽ کائڻ جي باوُجُود اصرار ۽ تڪرار کان بچڻ جي لاءِ مِهمان کي چوڻو پئجي وڃي ته ”مون گھڻو کاڌو آهي۔“ ٭ ميزبان کي گھرجي ته مهمان کي وقت بوقت چوي ته ”اڃا کائو“ پر ان تي اِصرار نه ڪري۔ (عالمگيري،۵/۳۴۴) ڪٿي اِصرار جي ڪري ايترو وڌيڪ نه کاڌو وڃي جو ان جي لاءِ نقصان ده هجي۔ ٭ ميزبان کي بالڪل خاموش نه رهڻ گھرجي ۽ ائين به نه ڪرڻ گھرجي ته کاڌو رکي غائب ٿي وڃي بلڪه اتي حاضر رهي۔ (عالمگيري،۵/۳۴۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

ايندڙ هفته وارا اجتماع جون جهلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ايندڙ هفته وار اجتماع جي بيان جو موضوع آهي”مصيبتن تي صبر جو ذهن ڪيئن بڻجي“ هن بيان ۾ اسان ٻڌنداسين، حديث سڳورين ۾ مصيبتن تي صبر ڪرڻ جون ترغيبون ۽ فضائل، مصيبتن تي صبر ڪرڻ ۽ رضاءِ الاهي تي راضي رهڻ جي تعلق سان