Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

الايمان، باب في طلب العلم،۲/ ۲۶۳، حديث: ۱۶۹۹) ٭ مظلوم جي مدد ڪرڻ خيرخواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جنهن ڪنهن غمزده مومن جي مشڪل پري ڪئي يا ڪنهن مظلوم جي مدد ڪئي ته الله پاڪ ان شخص جي لاءِ 73 مغفرتون لکي ڇڏيندو آهي۔ (شعب الايمان للبيهقي،باب في التعاون علي البرو التقوي،۱۲۰/۶، الحديث: ۷۶۷۰ ، بتغير قليل) ٭ مقروض سان نرمي ڪرڻ خيرخواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:جيڪو تنگدست کي مهلت ڏي يا ان جو قرض معاف ڪري الله پاڪ ان کي جهنم جي گرمي کان محفوظ فرمائيندو۔(مسندامام احمدبن حنبل، مسند عبدالله بن عباس،۱/۷۰۰، حديث : ۳۰۱۷) ٭انتقال تي مائٽن سان تعزيت ڪرڻ خيرخواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جيڪو ڪنهن غمزده شخص کان تعزيت ڪندو الله پاڪ ان کي تقويٰ جو لباس پارائيندو ۽ روحن جي وچ ۾ ان جي روح تي رحمت فرمائيندو ۽ جيڪو ڪنهن مصيبت زده سان تعزيت ڪندو الله پاڪ ان کي جنت جي جوڙن مان ٻه اهڙا جوڙا پارائيندو جن جي قيمت (سڄي) دنيا به نٿي ٿي سگھي۔ (المعجم الاوسط للطبراني، من اسمه ھاشم، ۶/ ۴۲۹ ، حديث: ۹۲۹۲)، مسلمانن کي کاڌو کارائڻ به خيرخواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جيڪو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي بک مٽائڻ جو اهتمام ڪري ۽ ان کي کاڌو کارائي ايستائين جو هو سير ٿي وڃي ته الله ڪريم ان جي مغفرت فرمائيندو۔ (مجمع الزوائد ،ڪتاب الزڪاة، باب فيمن اطعم مسلما اوستاه ، ج۳، رقم ۴۷۱۹، ص۳۱۹)

     الله پاڪ اسان کي مسلمانن جي خيرخواهي ڪرڻ وارو بڻائي۔

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مدني بسته مجلس جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي ڪم و بيش 104 شُعبن ۾ پنهنجي خدمتون سر انجام ڏئي رهي آهي۔انهن مان هڪ اهم شعبو ”مدني بسته مجلس“ به آهي۔ ”مدني بسته مجلس“ مدني عطيات