Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

ص۹۶، الصواعق المحرقة، ص۹۹) هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جن جو فرمان آهي لَوْ مَاتَتْ شَاةٌ عَلَي شَطِّ الْفُرَاتِ ضَائِعَةً لَظَنَنْتُ أَنَّ اللهَ تَعَالٰي سَائِلِي عَنْهَا يَوْمَ الْقِيَامَةِ جيڪڏهن نهرِ فُرات جي ڪناري ٻڪري جو ٻچو به اڃايل مئو ته مان ڊڄان ٿو ته الله پاڪ مون کان ان جي باري ۾ حساب نه وٺي۔ (حلية الاولياء ، ۱/۸۹) هي اهي ئي فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه آهن جيڪي مزارِ مصطفيٰ سان گڏ آرام فرما آهن، جن کي حضور سراپا نور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنّت جي خوشخبري ٻڌائي۔

 

خدا کے فضل سے میں ہوں گدا فاروقِ اعظم کا                   خدا ان کا محمد مصطفٰے فاروقِ اعظم کا

گلی سے ان کی شیطاں دُم دبا کر بھاگ جاتا ہے                       ہے ایسا رُعب ایسا دبدبہ فاروقِ اعظم کا

شہادت اے خدا! عطّارؔ کو دیدے مدینے میں                     کرم فرما الٰہی! واسطہ فاروقِ اعظم کا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ايتري بلند وبالا شان و شوڪت جي باوجود حضرت سَيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه پياري آقا، محبوبِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت سان خيرخواهي ۽ حاجت روائي ڪري رهيا آهن۔ لهٰذا جيڪڏهن اسان جو ڪو مسلمان ڀاءُ ڪنهن تڪليف ۾ هجي يا ڪنهن به معاملي ۾ ان کي اسان جي ضرورت هجي ۽ اسان ان جي پريشاني (Distress) پري ڪرڻ جي قدرت به رکون ٿا ته اسان کي به حضرت سَيدُنافاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي سيرت تي عمل ڪندي پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي خير خواهي ڪرڻ گھرجي۔ بعض اوقات اِئين به ٿيندو آهي ته اسان پاڻ ان جي مدد ڪرڻ جي طاقت ناهيون رکندا، پرڪنهن کي چئي ان جي مدد ڪرائي سگھون ٿا ته موقعي مطابق به اهڙي طرح ڏکايل اُمّت جي خيرخواهي ۽ مدد ڪرڻ گھرجي۔

      حضرتِ سيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي اُمّت جي خير خواهي جا وڌيڪ واقعا به اسان ٻڌنداسين پر ان کان اڳ ۾ اچو! پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جو مختصر تعارف ٻڌو، جيئن ته

مختصر تعارف