Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

چڪي ۾ پِسجي رهيا آهن، اسان کي ان جي ڪا پروا ناهي۔ ٭ اسان جي پاڙيسرين کي ٻن وقت جو کاڌو به نصيب ٿيندو آهي يا نه، اسان کي ان سان ڪو غرض ناهي، ٭ پائڻ جي لاءِ مناسب ڪپڙا به ميسر آهن يا نه، اسان کي ان سان ڪو مطلب ناهي۔ ٭ ڪيترن بيمارن جي راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جو سڪون پيسو نه هئڻ جي ڪري برباد ٿي رهيو آهي، ان طرف اسان جو ڌيان ئي ناهي هوندو۔ هاڻ ته بدقِسمتي سان نوبت ايستائين پهچي چڪي آهي جو جيڪڏهن ٻن ماڻهن ۾ جھيڙو ٿئي ته ٽيون ڇڏائڻ جي بدران ويڊيو يا تصويرون هن بُري نيت سان ٺاهي رهيو هوندو آهي ته ان کي سوشل ميڊيا (Social Media) تي وائرل (Wiral يعني وڌيڪ عام) ڪندس۔اَلْاَمَان وَالْحَفِيظ۔ کپي ته ائين احترامِ مسلم جو مظاهرو ڪندي ٻنهن کي نرمي ۽ محبت سان سمجھائي هن معاملي کي ٿڌو ڪري ها۔ اي ڪاش! هر مسلمان جي عزّت جي تحفظ جي مدني سوچ نصيب ٿي وڃي۔ اٰمِين

ياد رکو! هڪ سٺو مسلمان اهو ئي هوندو آهي جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪري اهو ئي پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ به پسند ڪري۔ اچو! پنهنجي اندر پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏکايل اُمّت جي خيرخواهي جو جذبو بيدار ڪرڻ جي لاءِ(3) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا،

 خيرخواهي جون فضيلتون

 ٭ ارشادفرمايائون: ماڻهن جي لاءِ به اهو ئي پسند ڪريو، جيڪو پنهنجي لاءِ ڪريو ٿا ۽ جيڪو پنهنجي لاءِ ناپسند ڪريو ٿا، ان کي ٻين جي لاءِ به ناپسند ڪريو، جڏهن توهان ڳالهايو ته چڱي ڳالھ ڪريو يا خاموش رهو۔ (مسند احمد بن حنبل ، حديث معاذ بن جبل،۸/۲۶۶،حديث:۲۲۱۹۳)

 ٭ ارشاد فرمايائون: مؤمن ان وقت تائين پنهنجي دِين ۾ رهندو آهي جيستائين پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي خير خواهي چاهيندو آهي ۽ جڏهن ان جي خيرخواهي کان جدا ٿي ويندو آهي ته ان کان توفيق جي نعمت کسجي ويندي آهي۔                   (فردوس الاخبارللديلمي،باب اللام الف،۲/۴۲۹، حديث:۷۷۲۲)