Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

فرمايائون: خاتون کي پيٽ ڀري کاراءِ۔ پوءِ پاڻ ان شخص کي به کائڻ جي لاءِ ڏنائون ۽ فرمايائون: سڀاڻي صبح مون وٽ اچجان مان تنهنجي ضرورتن کي پورو ڪندس۔ جڏهن هو شخص صبح سندن وٽ آيو ته پاڻ ان جي ٻار جو وظيفو به جاري ڪيائون ۽ ان کي به مال وغيره عطا ڪيائون۔(التبصرة ، المجلس التاسع والعشرون في فضل۔۔۔الخ، ج۱، ص۴۲۰)

بہارِ باغِ ایمان حضرتِ فاروقِ اعظم ہیں                            چراغِ بزمِ عرفاں حضرتِ فاروقِ اعظم ہیں

خزانے روم و فارس کے لٹاتے ہیں مدینہ میں                        فیوضِ حق کے باراں حضرتِ فاروقِ اعظم ہیں

مسلماں رات بھر سوئیں عمر فاروق پہرا دیں                      رعایا کے نگہبان حضرتِ فاروقِ اعظم ہیں

شانِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! سَيدنا فاروقِ اعظمرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ڪهڙي نموني حضور نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏُکايل اُمّت جي هڪ پريشان حال جي خيرخواهي ڪئي، پنهنجي نگراني ۾ باھ روشن ڪرائي، پنهنجي هٿن سان ديڳڙي چڙهائي ۽ کاڌي جي ترڪيب ڪئي، پوءِ پاڻ ئي کاڌو ڪڍي پنهنجي زوجه محترمه جي ذريعي ان عورت جي لاءِ موڪليو۔ هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جن جي پاڇي کان شيطان ڀڄندو هو۔ (بخاري، ڪتاب فضائل اصحاب النبي،باب مناقب عمر بن الخطاب،۲/۵۲۶،حديث: ۳۶۸۳) جي ها! هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جو جن کي حضورنبي ڪريم،رؤف و رحيمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مُبارڪ زبان سان جنّتي هئڻ جي خوشخبري ) (Good News ڏني آهي۔ (بُخاري،۲/۵۲۵، حديث۳۶۷۹) هي اهي ئي فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه آهن جن جي باري ۾ حضور، سراپا نورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اها دعا فرمائي آهي ته اي الله ڪريم! عُمر بن خطاب جي ذَرِيعي اِسلام کي عزّت عَطا فرماءِ! (ابن ماجه، ڪتاب السنة، فضل عمر، ۱/۷۷، حديث : ۱۰۵) هي اهي ئي فاروقِ اعظمرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه آهن جيڪي يتيمن بي سهارن ماڻهن جي خير خواهي جي لاءِ راتين جو جاڳي دؤرو ڪندا هئا۔ هي اهي ئي فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه آهن جن جي راءِ جي مطابق قرآنِ ڪريم جون آيت سڳوريون نازل ٿيون۔ (تاريخ الخلفاء،