Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

ڏانهن ئي هئڻ گھرجي، هونءَ علمِ دين سکڻ تي مشتمل بيان ٻڌڻ به ذِڪرُ الله ئي ۾ شامل آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي هڪ خاندان جي فرياد رسي

          هڪ رات اميرُالمُؤمنين حضرت سيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه مديني شريف جو دورو ڪري رهيا هئا ته سندن نگاھ هڪ خيمي تي پئي، جڏهن ويجھو ويا ته پاڻ کي ڪنهن جي تڪليف ۾ مبتلا هئڻ جو آواز آيو، ان خيمي جي ٻاهر هڪ شخص ويٺل هو، پاڻ سلام کان بعد ان کان حال پڇيائون ته معلوم ٿيو ته هو خليفه وقت (يعني سيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه) کان ئي ملڻ آيو آهي، البت ان کي هي خبر نه هئي ته وقت جو خليفو ان جي سامهون بيٺو آهي۔ بهرحال ان ٻڌايائين ته ان جي گھرواري اُميد سان آهي ۽ ٻار جي پيدائش جو وقت قريب آهي۔ سيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه پنهنجي گھر موٽيا ۽ پنهنجي زوجَه محترمه حضرت سيدتنا اُمّ ڪلثوم بنت علي رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهما کي فرمايائون: ڇا توهان ثواب ڪمائڻ چاهيو ٿيون، الله پاڪ ان کي خود توهان تائين پهچايو آهي؟ انهن عرض ڪيائون: حضور! ڪهڙي ڳالھ آهي؟ پاڻ فرمايائون: هڪ عورت جي ٻار جي ولادت جو وقت قريب آهي ۽ ان وٽ ڪو به نه آهي۔ عرض ڪيائين: جيڪڏهن اوهان راضي آهيو ته مان هلان ٿي۔ فرمايائون: ٺيڪ آهي تون ضروري سامان وغيره کڻي وٺ۔ جڏهن اتي پهتا ته پاڻ پنهنجي گھرواريء کي اندر موڪليائون ۽ پاڻ ان شخص وٽ ويهي رهيا۔ ان کي فرمايائون: باھ ٻار۔ ان باھ ٻاري ته پاڻ ديڳڙي ان جي مٿي رکي ڇڏي۔ جڏهن کاڌو پچي ويو ته ٻئي پاسي ٻار جي ولادت به ٿي وئي، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي گھرواريء (Wife) اندران آواز ڏنو: اي امير المؤمنين! پنهنجي ساٿي کي پٽ جي خوشخبري ڏيو۔ جيئن ئي ان شخص لفظ ’’اميرالمؤمنين‘‘ ٻڌو ته ڊڄي ويو ۽ عاجزي سان ڪجھ پوئتي هٽي ويهي رهيو۔ پاڻ فرمايائون: ’’جيئن ويٺل هيؤ ائين ئي ويهي رهو۔ پوءِ پاڻ ديڳڙي کڻي پنهنجي زوجه کي ڏني ۽