Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

(مسند امام احمد،مسند جابربن عبدالله ، ۵/۳۰،رقم: ۱۴۲۶۴) ٭ مسلمان جي تڪليف پري ڪرڻ خيرخواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جيڪو ڪنهن مسلمان جي تڪليف پري ڪري، الله پاڪ قِيامت جي تڪليفن مان ان جي تڪليف پري ڪندو۔ (مُسلِم ،ڪتاب البر والصلة ۔۔الخ ،ص۱۰۶۹ حديث:۶۵۷۸) ٭ مسلمان جي عزّت جي حفاظت ڪرڻ خيرخواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:جيڪو مسلمان پنهنجي ڀاءُ جي آبرو کان روڪي (يعني ڪنهن مسلمان جي بي عزت ٿيندي هجي ان منع ڪيو) ته الله پاڪ تي حق آهي ته قيامت جي ڏينهن ان کي جهنَّم جي باھ کان بچائي۔ (شرحُ السنّة ،۶ /۴۹۴ ،حديث: ۳۴۲۲) ٭ مسلمان جي دل خوش ڪرڻ خير خواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: فرض کان بعد سڀني عملن ۾ الله پاڪ کي وڌيڪ پيارو مسلمان جي دل خوش ڪرڻ آهي۔ (اَلْمُعْجَمُ الْڪبِير ،۱۱ / ۵۹،حديث: ۱۱۰۷۹) ٭ عفوودرگذر سان پيش اچڻ خير خواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:

الله پاڪ ٻانهي جي عفو ودرگذر جي ڪري ان جي عزّت ۾ اضافو ڪندو آهي ۽ جيڪو شخص الله پاڪ جي لاءِ تواضع اختيار ڪري، الله پاڪ ان کي بلندي عطا ڪندو آهي۔ (مسلم، ڪتاب البر،باب استحباب العفو والتواضع، ص۱۰۷۱، حديث: ۶۵۹۲) ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ خير خواهي آهي، حضرت ڪعبُ الاحباررَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهفرمائن ٿا: جنت الفردوس خاص ان شخص جي لاءِ سينگاري ويندي آهي جيڪو نيڪي جو حڪم ڪري ۽ بُرائي کان روڪي۔ (تنبيه المغترين، ص۲۳۶) ٭ غريب مسلمانن جي مدد ڪرڻ خيرخواهي آهي، ارشاد فرمايائون: جنهن مسلمان ڀاءُ جي حاجت روائي ڪئي، اهو ائين آهي جيئن ان سڄي عمر الله پاڪ جي عبادت ڪئي۔ (ڪنزالعمال ، ڪتاب الزڪوٰة ، باب قضاء الحوائج ۔۔۔الخ،۶/۱۸۹،حديث: ۱۶۴۵۳) ٭ علم دِين سکڻ سيکارڻ جي لاءِ مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ خير خواهي آهي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جيڪو الله پاڪ جي لاءِ علم سکڻ لاءِ نڪري ٿو، الله پاڪ ان جي لاءِ جنت جو دروازو کولي ڇڏيندو آهي ۽ ملائڪ ان جي لاءِ پنهنجا پَر وڇائيندا آهن۔ (شعب