Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

ڪائنات جي آهي۔ سيپارو 27 سُوْرَة الذّٰرِيٰت جي آيت نمبر55 ۾ ربِّ ڪريم جو فرمانِ عالي شان آهي:

وَّ ذَكِّرْ فَاِنَّ الذِّكْرٰى تَنْفَعُ الْمُؤْمِنِیْنَ(۵۵)

ترجمو ڪنزالايمان؛ ۽ سمجهاءِ جو سمجهائڻ مسلمانن کي فائدو ڏي ٿو .

 

مجھے تم یارسولَ اللہ دے دو جذبَۂ تبلیغ

شہا! دیتا پھروں نیکی کی دعوت یارسولَ اللہ

 

اميرُالمؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه وقت جو خليفو ۽ بيحد مصروفيتن جي باوجود پنهنجي مجلس ۾ اچڻ وڃڻ واري هڪ هڪ فرد جي غير حاضري کي هڪدم محسوس ڪندا هئا، پوءِ ان کي نظر انداز نه ڪندا هئا بلڪ ان جي باري ۾ معلوم ڪندا هئا ته جيئن جيڪڏهن ان سان ڪو مسئلو (Problem) پيش آيو هجي ته ان کي حل ڪري حاجت روائي ۽ خيرخواهي جو ثواب حاصل ڪريون۔ بالفرض جيڪڏهن هو بيمار ٿي ويو ته ان جو علاج ڪرايون ته جيئن هو تندرست ٿي وڃي۔ ڪنهن پريشاني ۾ مبتلا آهي ته ان جي پريشاني پري ڪريون۔ پر هاءِ! اڄ اسان جي حالت ته هي آهي جو هڪ تعداد آهي جيڪا غير ته ڇا پنهنجي سڳي ڀائرن تائين جي ڪا خير خبر ناهي وٺندي۔ اسان سان گڏ اٿڻ ويهڻ وارا، آفس ۾ ڪم ڪرڻ وارا دوست احباب، آفيس جي خادمن وغيره مان ڪو غير حاضر ٿئي ته اسان کي معلوم ئي ناهي هوندو ته هو ڪٿي آهي ۽ ڇو نه پيو اچي؟ ۽ نه ئي اسان ڪوشش ڪريون ٿا ته ان جي ڪا خيريت معلوم ڪريون ته ڪٿي ان ويچاري سان ڪا آزمائشي معاملو ته ناهي ٿيو؟ ڪٿي هو بيمار ته ناهي ٿيو؟ ڪاش! اسان به سيرتِ فاروقي تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، تمام مسلمانن جي خيرخواهي ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔ جيڪڏهن اسان سان گڏ رهڻ وارو، گڏ ڪم ڪرڻ وارو، گڏ نمازون پڙهڻ وارو، نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارو، مدني