Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

ڪندا، بلڪه سندن تربيت ماڻيندڙ به اُمّتِ مُسلمه جي خير خواهي جي جذبي سان سرشار هوندا آهن، جيئن ته محبوبِ عطار، تاجدارِ مدني انعامات حاجي زم زم رضا عطاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جي ٻارن جي امڙ جو چوڻ آهي ته منهنجي ٻارن جي پيءُ کي ڏکايلن جي حاجت روائي ۽ مالي مدد جو گھڻو جذبو هو، پاڻ ته غريب هئا پر مُخَير اسلامي ڀائرن ذريعي ضَرورتمندن جي مالي مشڪلات حل) (Solve ڪندا هئا ۽ ڏيکاءُ کان بچڻ جي لاءِ ان کي لڪائڻ جي به ترڪيب ڪندا هئا، مون کان به لڪائيندا هئا، البت ڪڏهن ڪڏهن ٻاهران معلوم ٿي ويندو هو۔                    (محبوب عطار کی 122حڪايات،۱۲۳ملخصاً)

اهڙي طرح مرحوم نگرانِ شوريٰ، بلبلِ روضه رسول حاجي محمد مشتاق عطاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه به اُمّت جي خيرخواهي ۾ اڳڀرا رهندا هئا۔ سندن سيرت جي خوشبوئن سان لبريز دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”عطار ڪا پيارا“ جي صفحي نمبر 40 تي آهي: هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته حاجي مشتاق عطاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه منهنجا استاد محترم آهن، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مون مدرسة المدينه بالغان ۾ پاڻ کان درست تلفظ ۽ مخارج سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ سکيو آهي، پاڻ جتي ٻين بهترين صفتن سان مُزّين هئا، انهن مان هڪ هي به هئي ته پاڻ ٻين جي پريشانين ۽ ڏک درد کي پنهنجو درد سمجھندا هئا، دل ۾ ڪا پريشاني هجي جيڪڏهن انهن کي ٻڌائي ويندي هئي ته پاڻ هو پنهنجو ڏک سمجھي ايترو پيارو مشورو ڏيندا هئا جو غمگين کي تسلي ملي ويندي هئي جڏهن ته پاڻ ڪڏهن به ڪنهن سان پنهنجي پريشاني بيان نه ڪندا هئا ۽ هر وقت صبر ۽ شڪر ڪندا هئا۔  (عطار کا پيارا، ص۴۰)

 

زباں پرشِکوہ رنج و اَلَم لایا نہیں کرتے                   نبی کے نام لیوا غم سے گھبرایا نہیں کرتے

 

هڪ رُڪنِ شوريٰ جو بيان آهي ته دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلس ِشوريٰ ۾ شموليت کان ڪجھ عرصو پوءِ منهنجي ٻارن جي امڙ جي ڳلي ۾ ڪجھ هن