Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

سڌي واٽ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ ان ڏانهن خصوصي توجھ ڪريو، ان جي لاءِ دعا گھرو ته الله پاڪ ان کي توبه جي توفيق عطا فرمائي ۽ ان جي خلاف شيطان جا مددگار نه بڻجندا ڪريو۔   (حلية الاولياء، يزيد بن الاصم، ۴/۱۰۲)

سخت گوئی کی مِٹ جائے خصلت                             نرم گوئی کی پڑجائے عادت

واسطہ  خلقِ  محبوب     کا   ہے                                                                 یا خدا تجھ سے میری دعا ہے

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته! اميرالمؤمنين سيدُناعمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ماڻهن جي دِيني تربيت ۽ انهن جي اصلاح جي باري ڪيتري ڪوشش ڪندا هئا۔ يقيناً سيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي اها مدني تربيت سڀني جي لاءِ هڪ مشعلِ راھ آهي، گناهن ۾ مبتلا ڪنهن شخص کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ، اُن کي سڌي واٽ تي آڻڻ جي لاءِ ڪيترو پيارو انداز اِختيار ڪيو ويو آهي، اسان مان هر هڪ پنهنجي باري ۾ غور ڪري ته مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان منهنجي ڪهڙي حالت هئي، ڏينهن رات گناهن ۾ ڪيئن گذري رهيا هئا، نه نمازن جو شوق نه تِلاوت جو ذوق، نه ماءُ پيءُ جي ادب ۽ اِحترام جو پتو، نه ننڍن تي شفقت نه وڏن جو ادب، آخر مون کي به ڪنهن پيار محبت سان سمجھايو هوندو، نيڪي جي دعوت ڏني هوندي، منهنجي سُڌرڻ جي لاءِ دُعائون ڪيون هونديون وغيره، ته اڄ اسان به اهڙن جي باري ۾ اهو ئي انداز اِختيار ڪريون ته جيڪي ماڻهو مسجدن کان پري آهن، علمِ دِين جي روشني کان محروم آهن، بُري ماحول جي ڪري پنهنجون جوانيون برباد ڪري رهيا آهن، اهڙن کي اسان پيار محبت ۽ نرمي سان نيڪي جي دعوت پيش ڪريون، انهن جي لاءِ سڌي واٽ تي اچڻ جي الله پاڪ جي بارگاه ۾ اِخلاص سان دُعا ڪريون۔

ڪڏهن ته اسان پنهنجو ذهن ائين بڻائيندا آهيون ته هي ته فُلاڻو آهي، هي ته منهنجي نيڪي جي دعوت قبول ئي نه ڪندو، هي ته مسجد ۾ ايندو ئي نه، اسان کي الله پاڪ جي رِضا ۽ ثواب جي لاءِ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو رهڻ گھرجي، اسان جو ڪم فقط ڪوشش ڪرڻ آهي، ڪاميابي ڏيڻ واري ذات ربِّ