Fazail e Sadqat

Book Name:Fazail e Sadqat

کي ان جي اخلاص جي اعتبار سان ست سو ڀيرا وڌيڪ ثواب عطا ڪندو آهي

 ۽ اها به ڪا حد نه آهي بلڪ اللہ  تعاليٰ جا خزانا ڀريل آهن ۽ هو ڪريم ۽ جَوّاد آهي جنهن جي لاءِ چاهي ان کان به وڌيڪ ثواب عطا ڪري۔ (صراط الجنان،۱/۳۹۵)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن هن فرمانِ خداوندي مان هن ڳالھ جي سند ملي وئي ته جيڪو خوش نصيب پنهنجي مال مان هڪ روپيو راھ خُدا ۾ خَرچ ڪندو ته اللہ  ڪريم پنهنجي فضل ۽ احسان سان ان هڪ جي بدلي 700 گنا وڌيڪ عطا فرمائيندو ته ڪو نادان ئي راھِ خدا ۾ خرچ ڪرڻ کان پري ڀڄندو۔

 حضرت سَيدُنا امام شمسُ الدِّين قُرطبي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن اها آيتِ مُبارَڪه نازِل ٿي ته نبي اڪرم، نورِ مُجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بارگاھ خُداوَندي ۾ عرض ڪيو: رَبِّ زِدْ اُمَّتِي يعني اي منهنجا پروردگار عَزَّوَجَلَّ! منهنجي اُمّت کي ان کان به وڌيڪ اجر ۽ ثواب عطا فرماءِ ته بارگاھ خداوندي مان اها خوشخبري ملي، (جيئن سيپارو 2سورۃ البقرة جي آيت نمبر 245 ۾ ارشاد آهي:)

مَنْ ذَا الَّذِیْ یُقْرِضُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا فَیُضٰعِفَهٗ لَهٗۤ اَضْعَافًا كَثِیْرَةًؕ-پ۲، البقرۃ: ۲۴۵)

ترجموڪنزالايمان: آهي ڪو جيڪو اللہ  کي قرضِ حسنه ڏئي ته اللہ  ان کي تمام گهڻو وڌائي ڏئي

نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اها خوشخبري ماڻڻ جي باوُجُود پنهنجي اُمّت جي دَستگيري ڪندي وڌيڪ ڪرم نَوازي جي لاءِ عرض ڪيو: رَبِّ زِدْ اُمَّتِي يعني اي منهنجا رب! منهنجي اُمّت کي ان کان به وڌيڪ اجر ۽ ثواب عطا فرماءِ ته ارشاد ٿيو:

اِنَّمَا یُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ بِغَیْرِ حِسَابٍ(۱۰) (پ۲۳،الزمر:۱۰)

ترجمو ڪنزالايمان: صبر ڪرڻ وارن کي  سندن ثواب ڀرپور ڏنو ويندو بغير حساب جي.

 (تفسير قرطبي، البقرۃ، تحت الآية:۲۶۱، ۲/ ۲۲۹)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي اُمَّت سان ڪيترو پيار ڪن ٿا جو پنهنجي اُمَّت جي اعمال نامي ۾