Book Name:Fazail e Sadqat

گھرواريء حضرت صَفِيه بنتِ اَبي عُبَيدرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْها مڇي پچائي حضرت سيدُنا ابنِ عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهمَا کي پيش ڪئي۔ ايتري ۾ هڪ مسڪين اوهان وٽ اچي بيهي رهيو۔ حضرت سيدُنا ابنِ عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهمَا ان کي فرمايائون: مڇي کڻي وڃ۔ اهو ڏسي گھرواريء عرض ڪيو: سُبحَانَ اللہ عَزَّوَجَلَّ! هن مڇي ته اسان کي ٿڪائي ڇڏيو آهي ۽ سوالي کي ڏيڻ جي لاءِ اسان وٽ ٻيو کاڌو به موجود هو اهو ان کي ڏيو ها۔ پاڻ فرمايائون: پر عبداللہ  کي ته اها مڇي پسند هئي (۽ پسنديده شيء جو صدقو افضل آهي)۔ (تاريخ ابن عساڪر،عبداﷲ بن عمربن الخطاب،۳۱/۱۴۳)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

احسان نه ڄاڻايو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي بُزرگ سڳورن جي مبارڪ سِيرت جو اهو ڪيتري قدر شاندار پهلو آهي جو اهي حضرات پنهنجي خواهشن (Wishes) کي ٻين جي حاجت ۽ مدد جي لاءِ قربان ڪندا هئا۔ اسان کي به گھرجي ته اللہ  پاڪ جي ڏنل مال مان پنهنجي اهل و عيال جي ڪفالت سان گڏوگڏ غريبن ۽ مسڪينن تي خَرچ ڪرڻ جي عادت به بڻايون ۽ هن ڪم کي پاڻ لاءِ سَعَادَت ۽ آخرت ۾ نجات جو ذريعو سمجھون ۽ ڪنهن غريب جي مالي مدد ڪرڻ کان بعد ان تي ٿورو ڄاڻائي ان کي شرمسار ۽ رُسوا نه ڪريون نه ته صدقي جو ثواب ضائع ٿي سگهي ٿو۔ ثواب انهيءَ صَدَقي جو مِلندو آهي جيڪو اِحسان ٻڌائي نه ڏنو وڃي۔ اللہ  پاڪ پنهنجي راھ ۾ خَرچ ڪرڻ وارن جي باري ۾ سيپارو 3،سُورَۃُ الۡبَقَرَه جي آيت نمبر262 ۽ 263 ۾ اِرشاد فرمائي ٿو:

اَلَّذِیْنَ یُنْفِقُوْنَ اَمْوَالَهُمْ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ ثُمَّ لَا یُتْبِعُوْنَ مَاۤ اَنْفَقُوْا مَنًّا وَّ لَاۤ اَذًىۙ-لَّهُمْ اَجْرُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْۚ-وَ لَا خَوْفٌ عَلَیْهِمْ وَ لَا هُمْ یَحْزَنُوْنَ(۲۶۲)قَوْلٌ مَّعْرُوْفٌ وَّ مَغْفِرَةٌ خَیْرٌ مِّنْ صَدَقَةٍ یَّتْبَعُهَاۤ اَذًىؕ- (پ۳،البقرۃ:۲۶۲، ۲۶۳)

ترجموڪنزالايمان: جيڪي ماڻهو پنهنجو مال اللہ  جي واٽ ۾ خرچ ڪندا آهن پوءِ ڏني پٺيان ٿورو نه ڄاڻائن ۽ نه تڪليف ڏين انهن جو اجورو سندن ربّ وٽ آهي ۽انهن کي نه ته ڪو ڊپ هجي نه ڪو غم.چڱي ڳالھ چوڻ ۽ درگزر ڪرڻ ان خيرات کان ڀلو آهي جنهن پٺيان ستائڻ هجي.