Book Name:Fazail e Sadqat

تحفو Gift)) اَسلافِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين جي ياد ڏياري ٿو، ٭ مَدَني اِنعامات بُزرْگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين جي نَقشِ قَدَم تي هلندي فِڪرِ مدينه يعني پنهنجي عملن جو مُحَاسَبو ڪرڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي۔

روزانه فڪرِ مدينه ڪرڻ جو اِنعام

اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ملاحظه ڪريو، هڪ اسلامي ڀاءُ جي تَحرير جو خُلاصو آهي ته هڪ ڀيري اهو مَدَني قافِلي جي سفر ۾ هو ۔ ان دَوران اُن تي ڪرم ٿيو۔ هيئن ٿيو جو رات جو جڏهن هو ستو ته قسمت کلي پئي ۽ ڇا ٿو ڏسي ته جنابِ رِسالت مَآب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ تشريف فرما ٿيا آهن۔ اڃا سندن جلون ۾ ئي گُم هو جو مُبارَڪ چَپن کي جُنبِش ٿي، رَحمت جا گل وسڻ لڳا ۽ لفظ ڪجھ ائين تَرتِيب ۾ آيا: ”جيڪي مَدَني قافِلي ۾ روزانو فڪرِ مدينه ڪن ٿا مان انهن کي پاڻ سان گڏ جَنَّت ۾ وٺي ويندس۔“

 

مِرے تم خَواب میں آؤ،مِرے گھر روشنی ہوگی        مِری قسمت جگا جاؤ،عِنایت یہ بڑی ہوگی

مجھے گَر دِید ہوجائے،تو میری عِیْد ہوجائے       تِرا دِیدار جب ہوگا، مجھے حاصِل خوشی ہوگی

میں بَن جاؤں سَراپا ”مَدَنی اِنْعَامات“ کی تَصویر            بَنُوں گا نیک یااللہ اگر رَحمت تِری ہوگی

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

چڱي کان چڱي شيء صدقو ڪريو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن به صدقو ڪرڻ جو ارادو ٿئي ته چڱي کان چڱي شيءَ صدقو ڪرڻ گھرجي۔ اسان جي بزرگان دين رَحْمةُ اللّٰہ ِتَعَالٰی عَلَیْہم اجمعین پنهنجي سڀ کان محبوب شيء اللہ  ڪريم جي راھ ۾ ڏيڻ جو جذبو رکندا هئا ۽ هڪ اسان آهيون جو صدقو ۽ خيرات ڪرڻ ۾ سُستي ۽ تَنگدِلي جو مُظاهرو ڪيون ٿا يا وري اهڙي شيء صدقو ڪريون ٿا جيڪا ناڪاره ٿي اسان جي استعمال