Book Name:Fazail e Sadqat

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ’’مدني انعامات‘‘

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اوهان به صدقو ۽ خيرات جو جذبو وڌائڻ چاهيو ٿا ته دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته ((Associate ٿي وڃو ۽ جنهن سان جيترو ٿي سگھي، پنهنجي ٻين مصروفيتن مان ڪجھ نه ڪجھ وقت مدني ڪمن جي لاءِ ضرور ڪڍڻ گھرجي، انهن مدني ڪمن ۾ شموليت جي برڪت سان اسان گناهن کان بچندا رهنداسين، آخرت جي لاءِ نيڪين جو ذخيرو گڏ ٿيندو رهندو، نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارن خوش نصيبن ۾ اسان جو شُمار ٿيندو، چڱي صحبت مُيسّر ايندي، هر عاشقِ رسول جي لاءِ دعوتِ اسلامي جا مدني ڪم ڪرڻ جا نهايت آسان موقعا آهن، جيڪڏهن هاڻي به اسان عملي طور تي مدني ڪمن ۾ شامل نه ٿي سگھون ته شايد کوڙ نيڪين کان محرومي ٿي سگي ٿي، اچو! اسان سڀ گڏجي هن عظيم مدني مقصد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي،“ کي ماڻڻ جي لاءِ ڀرپورڪوشش ڪريون ٿا، 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم مَدَني اِنْعَامات“ جي مُطابِق روزانو فِڪرِ مدينه ڪندي هر مَدَني مهيني جي پهرين تاريخ جو پنهنجي ذِمّيدار کي مَدَني انعامات جو رِسالو جمع ڪرائڻ به آهي۔

      ياد رکو! مدني انعامات تي پاڻ عمل ڪندي ٻين عاشقان رسول ۾ مدني انعامات جا رسالا تقسيم ڪرڻ ۽ پوءِ مهينو پورو ٿيڻ تي انهن کان وٺڻ به اسان جي ذميداري آهي.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني اِنعامات عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان پيڇو ڇڏائڻ جو بهترين نُسْخو آهن، ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل ڪرڻ وارن سان اَميرِ اَهلسُنّت،باني دعوتِ اسلاميدَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه گھڻو خوش ٿين ٿا ۽ اُنهن کي دُعائن سان نوازيندا آهن، ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل جي بَرَڪت سان خَوْفِ خُدا ۽ عشقِ مُصطَفٰي جي لازوال دَولت ملندي آهي،٭مَدَني اِنعامات جو هي عظيم