Book Name:Fazail e Sadqat

بخل ڪرڻ وارو حرص جهڙي خطرناڪ باطني مرض جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ ان تي مال گڏ ڪرڻ جي ڌُن سوار ٿي ويندي آهي ۽ ان جي لاءِ اهو جائز ناجائز تائين جي پرواھ ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي۔ ۽ ان جي علاوه به کوڙ ديني نقصان آهن۔ (صراط الجنان ،۹/۳۳۳)

بخل جا دنيوي نقصان:

اچو! هاڻي هن ڪنجوسي جي ڪري ٿيڻ وارن دنيوي نقصانن جي باري ۾ ٻڌون ٿا۔ (1) بخل (يعني ڪنجوسي) انسان جي سڀ کان بدتر (بُري) خامي آهي۔(2) بخل ملامت ۽ رُسوائي (Disgrace) جو ذريعو آهي۔ (3) بخل (ڪنجوسي) خونريزي (قتل و غارت) ۽ فساد جي جڙ ۽ هلاڪت ۽ بربادي جو سبب آهي۔ (4) بخل (ڪنجوسي) ظلم ڪرڻ تي اُڀاري ٿي۔(5) بخل ڪرڻ سان رشتيداريون ٽٽنديون آهن۔ (6) بخل ڪرڻ جي ڪري ماڻهو مال جي برڪت کان محروم ٿي ويندو آهي۔ (صراط الجنان ،۹/۳۳۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڪتاب ضياءِ صدقات جو تعارف

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته ڪنجوسي جا ڪهڙا دِيني ۽ دُنيوي نقصان آهن۔ اسان کي انهن سمورن نُقصانن کان بچڻ جي لاءِ وقت بوقت صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جو مَعمُول بڻائڻ گھرجي، فضول خرچي کان بچندي پنهنجي ضرورتن سان گڏوگڏ غريبن جي مدد به ڪرڻ گھرجي۔ راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جو جذبو ماڻڻ ۽ بخل جهڙي بيماري کان نجات جي لاءِ مڪتبة المدينه جو ڪتاب ”ضياءِ صَدَقات“ جو مُطالعو نهايت مُفيد آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن ڪتاب ۾ صَدَقي جي معني ۽ قِسمون، فرض زڪوٰة جو بَيان، صله رحمي (رِشتي دارن سان حُسنِ سُلوڪ) جون فضيلتون، بُخل جي مَذَمَّت وغيره ۽ صدقو ڏيڻ جون فضيلتون، ۽ نه ڏيڻ جي وعيدن تي مشتمل قرآني آيتون ۽ مبارڪ حديثون ۽ بزرگ سڳورن جي قولن کي بيان ڪيو ويو آهي، تنهنڪري اڄ ئي