Book Name:Fazail e Sadqat

صدقي جو ثواب وڌائڻ جي لاءِ بارگاھ الٰهي ۾ عرض ڪري رهيا آهن ته موليٰ منهنجي اُمَّت جي اجروثواب ۾ وڌيڪ اضافو ڪر۔ تنهنڪري راھ خدا ۾ دل کولي خرچ ڪريو ۽ اها ڳالھ پنهنجي ذهن (Mind) مان ڪڍي ڇڏيو ته جيڪڏهن مان خرچ ڪندس ته منهنجي مال ۾ ڪمي ٿي ويندي، مان پنهنجون ضرورتون ڪيئن پوريون ڪندس۔ منهنجي گھر وارن ٻارن ٻچن جا خرچ ڪيئن پورا ٿيندا؟ ياد رکو! اها شيطان جي چال آهي، هو نٿو چاهي ته اسان اللہ  پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪري اجروثواب جا حقدار بڻجون، انهيءَ ڪري هو اسان کي مال ۾ ڪمي جو خوف ڏياري صدقي کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو۔ اچو! ان شيطاني چال کي ناڪام بڻائڻ ۽ راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ هڪ نهايت ئي پياري حڪايت ٻڌو۔

خرچ ڪريو الله ڪريم عطا ڪندو

حضرت سَيدُنا قيس بن سَلع انصاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته ان جي ڀائرن حضورِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ان جي شڪايت ڪئي ته هي فضول خرچ ڪري ٿو ۽ هن مُعاملي ۾ گھڻو کليو هٿ آهي، ته پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُن کي فرمايايو: توهان جي ڀائرن جو ڇا مسئلو آهي، هو هن گمان تي تنهنجي شڪايت ڪري رهيا آهن ته تون پنهنجي مال ۾ گھڻي فضول خرچي ڪرين ٿو ۽ تنهنجو هٿ گھڻو کليو آهي؟ مون عرض ڪيو: يا رَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان آمدني مان پنهنجو حصو وٺي اللہ  جي راھ ۾ ۽ پنهنجن دوستن ۾ خرچ ڪيان ٿو ته رَسُولُ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مبارڪ سيني تي مبارڪ هٿ رکيو ۽ ٽي ڀيرا فرمايائون: خرچ ڪر اللہ  توکي عطا ڪندو۔ (راوي فرمائن ٿا) ان کان پوءِ جڏهن به مان راھ خدا ۾ نڪرندو هئس ته مون وٽ پنهنجي سواري هوندي هئي ۽ اڄ منهنجو هي حال آهي جو مان مال ۽ آسائش ۾ پنهنجي اهلِ خانه (ڀائرن) کان وڌيڪ آهيان۔ (معجم الأوسط،۶/۲۱۰،حديث:۸۵۳۶)