Book Name:Fazail e Sadqat

ٿي ته انهن بارگاھ رسالت ۾ بيهي عرض ڪيو: مون کي پنهنجي مال مان بَيرُحَاء باغ سڀ کان پيارو آهي، مان ان کي راھ خدا ۾ صدقو ڪيان ٿو۔ حضورِ اقدسصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان تي خوشي جو اظهار فرمايو ۽ پوءِ حضرت ابوطلحه
رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه سَرورِ ڪائنات جي اشاري تي اهو باغ پنهنجي رشتيدارن ۾ ورهائي ڇڏيو۔ (بخاري ،ڪتاب الزڪاۃ ،باب الزڪاۃ علي الاقارب،۱/۴۹۳حديث:۱۴۶۱ملخصاً)

پسنديده گھوڙو  پيش ڪري ڇڏيو !

   (2) حضرت عمرو بن دينار رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا: جڏهن اها آيت سڳوري نازل ٿي ته حضرت زيد بن حارثه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه پنهنجي (پسنديده) گھوڙي کي وٺي بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيو: يا رسول اللہ !صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ، اوهان هن گھوڙي کي صدقو ڪري ڇڏيو۔ تاجدارِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهو گھوڙو ان جي پُٽ حضرت اُسامه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه کي عطا ڪيو ته حضرت زيد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه عرض ڪيو: مون هن گھوڙي کي صرف (اللہ  تعاليٰ جي راھ ۾) صدقو ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي! نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: بيشڪ تنهنجو صدقو قبول ڪيو ويو آهي۔

(تاريخِ ابن عساڪر ، ذڪر من اسمه زيد، زيد بن حارثه بن شراحيل، ۱۹/۳۶۷ )

کنڊ جون ٻوريون صدقو ڪندا هئا!

      (3)حضرت سيّدنا عُمر بن عبدالعزيز رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه شڪر (کنڊ) جون ٻوريون خريدي صدقو ڪندا هئا۔ اوهان کي چيو ويو: هن جي قيمت صدقو ڇو نٿا ڪيو؟ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه فرمايائون: کنڊ مون کي محبوب ۽ پسند آهي، مان چاهيان ٿو ته راھ خدا ۾ پنهنجي پياري شيء کي خرچ ڪيان۔ (تفسيرِمدارڪ، آل عمران، تحت الآيۃ: ۹۲، ص۱۷۲)

 

میں سب دولت رہِ حق میں لُٹا دُوں      شہا ایسا مجھے جذبہ عطا ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد