Book Name:Fazail e Sadqat

اسپتال ۾ تڙپي رهيو هو علاج (Treatment) جي لاءِ مون توکي پيسا ڏنا ها۔ تنهنجي نياڻي جي شادي جو سمورو خرچ مون کنيو هو، منهنجا اهي احسان وساري ويٺين؟

پنهنجا صدقا باطل نه ڪريو!

 ياد رکو! ڪنهن جي مالي مدد ڪرڻ کان بعد احسان ڄاڻائي اهڙي طرح جون ڳالهيون ڪرڻ ثواب کي ضائع ڪري ڇڏيندو آهي۔ جيئن ته سيپارو 3، سُورَۃُ الۡبَقَرَه جي آيت نمبر264 ۾ اِرشادِ خداوندي عَزَّ وَجَلَّ آهي:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تُبْطِلُوْا صَدَقٰتِكُمْ بِالْمَنِّ وَ الْاَذٰىۙ

ترجموڪنزالايمان: اي ايمان وارؤ پنهنجا صدقا (خيرات) ضايع نه ڪريو ٿورو ڄاڻائي ۽ تڪليف ڏئي.

هن آيتِ سڳوري تحت تفسير صِراطُ الجنان ۾ آهي ته اي ايمان وارو! جنهن تي خرچ ڪريو ان کي اِحسان ڄاڻائي ۽ ان کي تڪليف پهچائي پنهنجي صدقي جو ثواب برباد نه ڪريو ڇوته جهڙي طرح منافق شخص ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ ۽ پنهنجي واھ واھ ڪرائڻ جي لاءِ مال خرچ ڪندو آهي پر ان جو ثواب برباد ٿي ويندو آهي اهڙي طرح فقير تي احسان ڄاڻائڻ واري ۽ ان کي تڪليف ڏيڻ واري جو ثواب به ضائع ٿي ويندو آهي۔ ان جو مثال ائين سمجھو ته جيئن هڪ چڪنو پٿر هو جنهن تي مٽي پيل هئي، جيڪڏهن ان تي زوردار برسات ٿي وڃي ته پٿر بلڪل صاف (Clean) ٿي ويندو آهي ۽ ان تي مٽي جو نالو ۽ نشان به باقي ناهي رهندو۔ اهو ئي حال منافق جي عمل جو آهي جيڪو ڏسڻ وارن کي معلوم ٿيندو آهي ته عمل آهي ۽ قيامت جي ڏينهن اهي تمام عمل باطل ٿيندا ڇوته اهي رضاءِ الٰهي جي لاءِ نه هئا يا ائين چئو ته منافق جي دل ڄڻ پٿر جي چٽان آهي، ان جون عبادتون خاص ڪري صدقا ۽ ڏيکاءُ واريون خيراتون ڄڻ اهي مٽي ۽ ڌوڙ آهن جيڪي چٽان تي پئجي ويون، جنهن ۾ ٻج جي پوک ٿي نٿي سگھي، رب تعاليٰ جو انهن سڀني کي رد ڪرڻ ڄڻ اهو