Book Name:Fazail e Sadqat

ضرورت ڪنهن حد تائين پوري ٿيندي ۽ بُخل جي پاڙ دل تي ڄمڻ ۾ ڪجھ ته گھٽتائي ٿيندي۔ ( فضائلِ دُعا،ص۲۷۶بتغیرقلیل)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

خيرات ڪرڻ جو هڪ آسان طريقو:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شيطاني مڪروفريب کان بچندي صدقو ۽ خيرات جي عادت بڻائڻ جي لاءِ روزانو هڪ رقم مُقرَر (Fix) ڪري وٺو، مثال طور روزانو 10 روپيا راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻا آهن، جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن مجبوري يا وسري وڃڻ جي صورت ۾ نه وجھي سگھياسين ته ايندڙ ڏينهن هٿو هٿ 20 روپيا ڪڍي وٺو۔ جيڪڏهن صدقي جون فضيلتون لکي گھر ۾ ڪنهن اهڙي واضح هنڌ تي لڳايون وڃن جتي انهن جي ادب جو به خيال رکي سگھجي ۽ هلندي ڦرندي نگاھ پوڻ جي صورت ۾ به صدقي جي ترغيب ملندي رهندي۔

مجلس مدني عطيات بڪس !

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن طريقي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي  مجلس ”مدني عطيات بڪس“ متعارف ڪرايو آهي، هن مدني عطيات بڪس کي  دُڪانن، ڪارخانن، مارڪيٽن، شاپنگ مالز، ميڊيڪل اسٽورز ۽ دفترن ۽ گهرن وغيره ۾ رکڻ جي ترڪيب ڪئي ويندي آهي، جن اسلامي ڀائرن جي دڪانن وغيره تي اهي بڪس رکوايا ويندا آهن، انهن کي گھرجي ته سٺين سٺين نيتن سان پاڻ به ڪجھ نه ڪجھ رقم بڪس ۾ وجھندا رهن ۽ گراهڪن (Customers) تي اِنفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به راھ خدا ۾ مال خرچ ڪرڻ جي ترغيب ڏيارين اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾ ترقي جي لاءِ اوهان جون اهي ڪوششون بارگاھ الٰهي ۾ قبول ٿينديون۔

پر افسوس! اڄڪلھ صدقو ۽ خَيرات جي ذريعي غريبن جي مَدَد ڪرڻ ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ مال خرچ ڪرڻ بدران فضول ۽ غير ضروري ڪمن جي