Book Name:Fazail e Sadqat

ڪهڙو مال صدقو ڪرڻ گھرجي

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ وقت هن ڳالھ جو به خيال رکو ته جيڪا شيءِ اوهان کي سڀ کان وڌيڪ پسنديده هجي ان کي صدقو ۽ خيرات ڪريو ڇوته ان جو ثواب وڌيڪ آهي ۽ اللہ  پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ پنهنجي پسنديده شيء کي صدقو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جيئن سيپارو 4سوره آلِ عمران جي آيت نمبر 92 ۾ ارشادِ خداوندي آهي:

لَنْ  تَنَالُوا  الْبِرَّ  حَتّٰى  تُنْفِقُوْا  مِمَّا  تُحِبُّوْنَ  ﱟ  وَ  مَا  تُنْفِقُوْا  مِنْ  شَیْءٍ  فَاِنَّ  اللّٰهَ  بِهٖ  عَلِیْمٌ(۹۲)

(پ۴،اٰلِ عمران:۹۲)

 تَرْجموڪنز الايمان: اوهان ايستائين چڱائيءَ کي هرگِز نه پھچندؤ جيستائين پنهنجِي پيارِي شيءِ خرچ نه ڪندؤ ۽ اوهان جو ڪُجھه خرچ ڪندؤ سو اللہ  کي معلُوم آھي.

      هن آيتِ سڳوري تحت تفسيرِ صراطُ الجِنان ۾ آهي ته هن آيت ۾ ڀلائي مان مُراد تقويٰ ۽ فرمانبرداري آهي ۽ خرچ ڪرڻ جي باري ۾ حضرت عبداللہ  بن عمر رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهما جن فرمايائون ته هتي خرچ ڪرڻ ۾ واجب ۽ نفلي تمام صدقا داخل آهن۔ امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايو: جيڪو مال مسلمانن کي پسند هجي ۽ ان کي رضاءِ الٰهي جي لاءِ خَرچ ڪري، اهو هن آيت ۾ داخل آهي، چاهي هڪ کجور ئي هجي۔ (تفسيرِخازن،پ۴، اٰل عمران،۱/۲۷۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ مبارڪه تي عمل ڪرڻ وارن اسان جي بزرگانِ دِين جو جذبو مرحبا! اچو! هن جي باري ۾ بزرگن جا واقعا ٻڌو ۽ راھ خدا ۾ پنهنجي پياري شيء صدقو ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪريو۔ جيئن ته

 پسنديده باغ راھه خُدا ۾ ڏئي ڇڏيو

   (1) حضرت سَيدُنا ابو طلحه انصاريرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه مديني ۾ وڏا مالدار هئا، انهن کي پنهنجي مال ۾ بَيرُحَاء نالي هڪ باغ گھڻو پسند هو، جڏهن اها آيت نازل