Book Name:Fazail e Sadqat

لاءِ ته پنهنجن خزانن جا مُنهن کوليا ويندا آهن، پر هن ڳالھ ڏانهن ڪو ڌيان ناهي ڏنو ويندو ته اسان جي چوڌاري مُعاشري جا ڌڪاريل ڪيئي اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جن وٽ نه ته مٿو لڪائڻ جي لاءِ مُناسب جڳھ آهي، نه بدن ڍڪڻ جي لاءِ لباس آهي ۽ نه ئي پيٽ جي باھ وسائڻ جي لاءِ ضرورت آهر ماني۔ جيڪڏهن اسان پنهنجي جائز خُوشين سان گڏوگڏ وس آهر اهڙن سفيد پوش ماڻهن جي ضرورتن جو به خيال رکون ۽ انهن سان همدردي ڀريو سُلوڪ ڪريون ته اللہ  پاڪ پنهنجي رحمت سان آخرت ۾ ته ان جو صلو عطا ڪندو ڪڏهن ڪڏهن دنيا ۾ به ان جي جزا ملندي آهي۔ اچو! هن باري ۾ هڪ حڪايت ٻڌو، جيئن ته

هٿو هٿ صدقي جي برڪت ظاهر ٿي!

امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مايه ناز تصنيف”فيضانِ سُنَّت “جلد اوّل جي صفحي نمبر 513 تي نقل ڪن ٿا: جيئن ته پنهنجي دؤر جا ابدال حضرت سيّدُنا ابو جعفر بن خطاب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا، منهنجي دروازي تي هڪ سوالي صدا هنئي مون گهرواريءَ کان پُڇيو ته ڇا تو وٽ ڪجهه آهي؟ جواب مليو چار آنا آهن مون چيو، سائل کي ڏئي ڇڏيو، انهن ڏيئي ڇڏيا. سوالي آنا کڻي هليو ويو، اڃا ٿوري دير مس گذري هئي ته مون وٽ هڪ دوست آنن سان ڀريل هڪ ٽوڪري موڪلي. مون گهران پُڇيو، هن ۾ ڪل ڪيترا آنا آهن؟ انهن چيو 30. مون چيو توهان ته فقير کي 4 آنا ڏنا هئا، هي 30 ڪهڙي حساب سان آيا! چوڻ لڳيون ٽيهه آنا صحيح آهن ۽ باقي 10 ڀڳل آهن، (ان جو سبب اهو هو جو) سوالي کي جيڪي آنا ڏنا ويا ها انهن مان ٽي صحيح ۽ هڪ ڀَڳل هيو. اللہ  تعاليٰ هر هڪ جي بدلي ۾ ڏهه ڏهه عطا فرمايا. صحيح جي بدلي صحيح ۽ ڀڳل جي بدلي ڀڳل.

(روض الرياحين،الحڪايۃ الخامسۃ والعشرون ...الخ،ص۲۷۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته صدقو ڪرڻ جي برڪت ڪهڙي طرح