Book Name:Fazail e Sadqat

هٰۤاَنْتُمْ هٰۤؤُلَآءِ تُدْعَوْنَ لِتُنْفِقُوْا فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِۚ-فَمِنْكُمْ مَّنْ یَّبْخَلُۚ-وَ مَنْ یَّبْخَلْ فَاِنَّمَا یَبْخَلُ عَنْ نَّفْسِهٖؕ-وَ اللّٰهُ الْغَنِیُّ وَ اَنْتُمُ الْفُقَرَآءُۚ-وَ اِنْ تَتَوَلَّوْا یَسْتَبْدِلْ قَوْمًا غَیْرَكُمْۙ-ثُمَّ لَا یَكُوْنُوْۤا اَمْثَالَكُمْ۠(۳۸)

تَرجمو ڪنز الايمان: هائو توهان ته اهي آهيو جو سڏيا ويندا آهيو اللہ  جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جي واسطي پوءِ توهان مان ڪو بخيلي ڪندو آهي ۽ جيڪو بخيلي ڪري اهو پنهنجي ئي جان تي بخيلي ڪري ٿو ۽ اللہ  بي نياز آهي ۽ توهان سمورا محتاج ۽ جيڪڏهن توهان منهن ڦيريو ته اهو توهان جي جاءِ تي ٻيا ماڻهو آڻيندو پوءِ اهي توهان جهڙا نه هوندا.

انسان جي هلاڪت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪي ماڻهو ڪنجوسي ڪندي راھ خُدا ۾ مال خرچ ڪرڻ بدران گڏ ڪرڻ ۾ لڳل رهن ٿا اهي دنياوي نقصانن سان گڏوگڏ آخرت ۾ به نقصان کڻندا۔

بخل (ڪنجوسي) جي مذمت تي ٻه حديث سڳوريون

اچو! بخل جي مذمّت تي ٻه حديث سڳوريون ٻڌو ۽ هن باطني بيماري کان بچڻ جي ڪوشش ڪريو،

(1)        فرمايائون: هن اُمت جا اڳوڻا ماڻهو يقين ۽ زُهد جي ذريعي نجات ماڻيندا جڏهن ته آخري ماڻهو بخل ۽ خواهشن جي سبب هلاڪت ۾ مبتلا ٿيندا۔ (فردوس الاخبار،۲/۳۷۴ ،حديث:۷۱۰۶)

 (2) فرمايائون: اللہ  پاڪ هن ڳالھ تي قسم ياد فرمايو آهي ته جنت ۾ ڪو بخيل (ڪنجوس) داخل نه ٿيندو۔ (ڪنزالعمال،ڪتاب الاخلاق،قسم الاقوال،جزء ۳،۲/۱۸۱، حديث: ۷۳۸۲)

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته بخل جون ڪيتري قدر تباھ ڪاريون آهن، ڇا اها هلاڪت گھٽ آهي جو اللہ  پاڪ هن ڳالھ تي قسم ذڪر فرمايو آهي ته جنت ۾ ڪو ڪنجوس شخص داخل نه ٿيندو۔ ڇا هاڻي به اسان بخل جهڙي نحوست کان نه بچنداسين؟ ڇا اڃا به اسان ڪنجوسي ڪنداسين؟ ڇا اڃا به بخل جي ذريعي پنهنجي تباهي جا سبب پاڻ ئي پيدا ڪنداسين؟ ڇا اڃا به