Book Name:Fazail e Sadqat

هن ڪتاب کي مڪتبةُ المدينه جي بستي تان ھَديو ڏئي طَلَب ڪري پاڻ به هن جو مُطالعو ڪيو، ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به هن جي ڀرپور ترغيب ڏياريو۔ ان کان علاوه اميرِ اهلسنت دامت برڪاتهم العاليه جو رِسالو "مديني جي مڇي" ۽ مڪتبة المدينه جو شايع ٿيل رِسالو "صدقي جو اِنعام" پڙھڻ به بيحد مُفيد ٿيندو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب ۽ هنن رسالن کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بيان جو خُلاصو:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان صدقي ۽ خيرات جون فضيلتون ۽ بخل جي مذمت جي باري ۾ ٻڌو ته

٭      صدقي ۽ خَيرات جي برڪت سان رزق ۾ ڪشادَگي ايندي آهي۔

٭      صدقي ۽ خَيرات جي برڪت ڪڏهن هٿو هٿ به ظاهر ٿيندي آهي ۔

٭      اللہ  پاڪ صدقي ۽ خيرات جي برڪت سان اهڙي هنڌان رزق عطا ڪندو آهي جتان انسان جو گمان به ناهي هوندو۔

٭      اسان جي بزرگانِ دِين راھ ِخدا ۾ پنهنجي پسنديده شيء خرچ ڪندا هئا۔

٭      صدقو ۽ خيرات ڪرڻ وقت اسان کي اللہ  جي رضا کي پيشِ نظر رکڻ گھرجي۔

٭      ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ صدقو ڪرڻ سان ان جو ثواب ضائع ٿي ويندو آهي۔