Book Name:Fazail e Sadqat

خيرات ڪريو توڙي جو کجور جو هڪ ٽڪر ئي هجي!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته صدقو ۽ خيرات ڪرڻ سان مال ۾ ڪمي ناهي ٿيندي بلڪ مال ۾ وڌيڪ برڪت ٿيندي آهي۔ ياد رکو! صدقو خيرات ڪرڻ جو هي مطلب ناهي ته اسان جيستائين امير ۽ ڪبير نه ٿي وڃون، خوب بينڪ بيلنس (Bank Balance) نه ٺاهي وٺون، سٺو گھر، گاڏين ۽ نوڪر چاڪر وارا نه ٿي وڃون ان وقت تائين صدقو ئي نه ڪريون، بلڪ اسان جي جهڙي اِستِطاعَت آهي ان جي مطابق ننڍيون شيون به اخلاص ۽ رِضاءِ الهٰي جي لاءِ خرچ ڪنداسين ته ان جو فائدو دنيا ۾ به ملندو ۽ آخرت ۾ به نَجات جو سبب ٿيندو، جيئن ته فرمانِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: اِتَّقُوا النَّارَ وَلَوْ بِشِقِّ تَمْرَۃٍ يعني باھ کان بچو، جيتوڻيڪ کجور جي هڪ ٽڪري (کي خيرات ڪرڻ) جي ذريعي۔ (بخاری، کتاب الرقاق،باب من نوقش الحساب عذب، ۴/ ۲۵۷،حديث: ۶۵۴۰)

هن حديثِ پاڪ ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ تسلي آهي، جيڪي مَعاشي پريشانين ۾ مبُتلا هئڻ جي باوجود صدقو ۽ خَيرات ته ڪن ٿا پر معمولي شيء صدقو ڪرڻ جي ڪري دل ننڍي ڪندا آهن، حالانڪه صدقو چاهي گھٽ هجي يا وڌيڪ، جيڪڏهن حلال مال مان اِخلاص سان ڏنو وڃي ته يقيناً ثواب جي لحاظ کان نهايت ئي عُمده آهي جيئن ته اعليٰ حضرت اِمام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا والدِ گرامي حضرت مولانا مُفتي نَقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: صدقو ڏيڻ ۾ ننڍي شيء کي به حقير نه سمجهو، جيتوڻيڪ وڌيڪ جي استطاعت به هجي، هٿ پهچندو آهي (يعني انسان صدقو ڏيڻ جو اِرادو ڪندو آهي) پر شيطان روڪيندو آهي، نفس وچ ۾ ايندو آهي، هڪ شيطان ڇا ستّر (70) شيطان صَدَقي کان پري رکندا آهن۔ حديثِ شريف ۾ ارشاد آهي: انسان پنهنجو صدقو ستّر(70) شيطانن جي ڄاڙي چيري ڪڍندو آهي۔ (مجمع الزوائد، کتاب الزکاۃ، باب ارغام الشیطان بالصدقۃ، ۳/۲۸۲، حدیث: ۴۶۰۱) ته اهڙي حالت ۾ ٿورو ئي ڏي ۽ ان کي حقير سمجھي بلڪل لَا تَعَلُّق نه ٿئي، ڇوته ٿورڙي شيءِ سان به محتاج جي