Book Name:Fazail e Sadqat

صدقي ۽ خيرات کان منهن موڙينداسين؟ ياد رکو! بخيل شخص ماڻهن جي نگاهن ۾ حقير بڻجي ويندو آهي ۽ معاشري ) (Society ۾ ان کي عزت جي نگاھ سان ڏٺو ناهي ويندو ۽ اهڙو ڪنجوس شخص ابليس لعين کي گھڻو پسند آهي۔ جيئن حضرتِ سَيدُنَا يحييٰ عَلَيه السَّلَام ابليس کان پڇيائين: توکي ڪهڙو ماڻهو پسند ۽ ڪهڙو ناپسند آهي؟ ابليس چيو: مون کي مومن بخيل پسند آهي پر گنهگار سخي پسند نه آهي؟ پاڻ عَلَيه السَّلَام پڇيائين: ائين ڇو؟ ابليس چيو: ان ڪري جو بخيل (ڪنجوس) کي ته ان جو بخل ئي تباھ ڪندو پر فاسق سخي جي باري ۾ مون کي اهو خطرو آهي ته ڪٿي اللہ  تَعَالي ان جي گناهن کي ان جي سخاوت جي سبب معاف نه فرمائي ڇڏي۔ پوءِ ابليس ويندي اهو چوندو ويو ته جيڪڏهن اوهان پيغمبر نه هجو ها ته مان (راز جون اهي ڳالهيون) ڪڏهن نه ٻڌايان ها۔ (مڪاشفۃ القلوب ،ص ۱۸۱)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته بخيل (ڪنجوس) شخص شيطان کي گھڻو پسند آهي ته اهڙي شخص تي ابليس کي وڌيڪ محنت ناهي ڪرڻي پوندي بلڪ ان شخص جو بخل ئي ان کي هلاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي ۔ ڪنجوسي ڪيئي ديني ۽ دنيوي نقصانن جو سبب بڻجندي آهي۔

بخل جا ديني نقصان:

اچو! ڪنجوسي جا ڪجھ ديني نُقصان ٻڌو ۽ هن بري عادت مان ڇُوٽڪارو ماڻڻ جي نِيت به ڪريو، جيئن

(1) بخل (يعني ڪنجوسي) ڪرڻ وارو ڪڏهن ڪامل مومن نٿو بڻجي سگھي، بلڪ ڪڏهن بخل ايمان کان به روڪي ڇڏيندو آهي ۽ انسان کي ڪفر ڏانهن کڻي ويندو آهي، جيئن قارون کي ان جي بُخل اسلام قبول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو۔(2) بخل ڪرڻ وارو ڄڻ ته ان وڻ جي ٽاري پڪڙي رهيو آهي جيڪا ان کي جهنم جي باھ ۾ داخل ڪري ئي ڇڏيندي۔ (3) بخل جي ڪري جنت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگھجي ٿو۔ (4) بخل ڪرڻ وارو مال خرچ ڪرڻ جي ثواب کان محروم ٿي ويندو ۽ نه خرچ ڪرڻ جي وبال ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي۔ (5)