Book Name:Fazail e Sadqat

حضرت عَلّامه عَلاءُ الدِّين علي بِن محمد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تفسيرِ خازِن ۾ هن آيت سڳوري تحت فرمائن ٿا ته اِحسان (ٿورو) ڄاڻائڻ مان مُراد ڪنهن کي ڪجھ ڏيڻ کان پوءِ ٻين جي سامهون اهو ظاهر ڪرڻ آهي ته مون ايترو ڪجھ توکي ڏنو ۽ توسان اهڙا اهڙا سُلُوڪ ڪيا۔ پوءِ اهڙي طرح ڪنهن کي رنجيده ۽ غمگين ڪرڻ، اِحسان ڄاڻائڻ چورائيندو آهي ۽ ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ سان مُراد، ان کي عار ڏيارڻ آهي، مثال طور هي چيو وڃي ته تون نادار هئين، مُفلس هئين، مَجبُور هئين، نڪمو هئين وغيره مون توسان ڀلائي ڪئي۔ مزيد فرمائن ٿا: جيڪڏهن سوالي کي ڪجھ نه ڏنو وڃي ته ان سان چڱي ڳالھ چوڻ ۽ خُوش اخلاق سان اهڙو جواب ڏيڻ جو ان کي ناگوار نه گُذري ۽ جيڪڏهن هو سُوال ۾ زور ڀري يا زبان درازي ڪري ته ان کان دَرگُذر ڪرڻ (ان صَدَقي کان بهتر آهي جنهن کان پوءِ ستايو ۽ اِحسان ڄاڻايو وڃي)۔ (تفسير خازن، پ۳، البقرۃ،۱/ ۲۰۶ ملخصاً)

اِحتِرَامِ مُسلِم

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! اِسلام اِحتِرَامِ مُسلِم جو ڪيتري قدر لحاظ رکيو آهي جو ڪو شَخص پنهنجي مُسَلمان ڀاءُ جي مالي اِمداد ڪرڻ کان پوءِ اِحسان ڳڻائي يا طعنو ڏئي ان کي تڪليف نه ڏي، بلڪ ان جي عزّتِ نَفس جو اِحتِرام ڪري، ڇوته صدقو ۽ خَيرات ڏيڻ سان ڪنهن کي اهو حق حاصِل ناهي ٿيندو جو جڏهن چاهي اِحسان ياد ڏياري ڪنهن غريب جي عزّت ڌوڙ ۾ ملائي ڇڏي۔ اهڙي صدقي کان بهتر هو ته اهو ان کي ڪجھ ڏي ئي نه ها يا مَعذِرَت ڪري ها يا ڪنهن ٻئي شَخص وٽ موڪلي ها۔ هتي اُن ماڻهن جي لاءِ هدايت جو درس آهي جيڪي پهريان ته جَوش ۾ اچي ضَرورت مندن جي مدد ڪندا آهن پر بعد ۾ پنهنجن طعنن جي تِيرن سان انهن جون دليون ڏکائيندا آهن۔ ڪنهن ڳالھ تي ٿوري ڪاوڙ آئي ته هڪدم پنهنجي اِحسانن جي وڏي فهرست ٻڌائڻ شروع ڪندا آهن۔ مثال طور ڪل تائين تون فقير هئين، هر هڪ کان پيو پنندو هئين مون تنهنجي مدد ڪئي هئي۔ تنهنجو فلاڻو عزيز