Book Name:Fazail e Sadqat

پاڻي آهي جيڪو سڀ مٽي کڻي ويو ۽ پٿر کي ساڳي وانگر ڪري ويو۔ هن مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪڏهن صدقو ظاهر ڪرڻ سان فقير جي بدنامي ٿيندي هجي ته صدقو لڪائي ڏيڻ گھرجي جو ڪنهن کي خبر نه پئي۔ (صراط الجنان ،۱/۴۰۰)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته صدقو ڏئي ڪنهن تي احسان ڄاڻائڻ ۽ ان جي دل کي طعنن جي تِيرن سان زخمي ڪرڻ سان صدقي جو ثواب ضائع ٿي ويندو آهي، تنهنڪري اخلاص ۽ رِضاءِ الٰهي جي حُصُول جي لاءِ صدقو ۽ خيرات ڪريو ڇوته اهو عمل ثواب جو سبب ۽ آخرت ۾ نجات جو ذريعو بڻجندو۔ ۽ اهو به معلوم ٿيو ته هن طرح صدقو ڪرڻ ته جنهن سان سامهون واري جي بد نامي ٿئي شريعت منع فرمايو آهي۔

بخل (ڪنجوسي) کان بچو!

بعض نادان دنياوي مال ۽ دولت جا ايترا حريص هوندا آهن جو راھ خدا ۾ صدقو ۽ خيرات جو نالو ٻڌندي ئي پري ڀڄندا آهن ۽ ڪنجوسي جي حد پار ڪندي اللہ  جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ ته  رهيو پري پر پنهنجي ذات ۽ پنهنجي گھر وارن جي ضروري حاجتون به مئل دل سان پوري ڪندا آهن، اهڙن ماڻهن جي دل ۽ دماغ تي هر وقت دنياوي مال ۽ دولت جمع ڪرڻ جو جنون سوار رهندو آهي ۽ پوءِ اهو ئي بخل ۽ حرص آهستي آهستي انهن کي سرڪش ۽ يادِ خُداوندي کان غافِل ڪندو آهي۔ قرآنِ پاڪ ۾ مالدارن ۽ صاحبِ ثروت ماڻهن کي راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ ۽ بخل کان بچڻ جي ترغيب ڏياري وئي آهي، جيئن سيپارو 26 سوره محمد آيت نمبر 38 ۾ ارشادِ باري تعاليٰ آهي: