Book Name:Fazail e Sadqat

خبر ڏني۔ جڏهن صبح ٿي ته اهو عابد شخص هن موتي کي کڻي جوهري (هيرن جواهرن جو ڪم ڪرڻ وارو) وٽ ويو، جڏهن جوهري اهو موتي ڏٺو ته حيران ٿي چوڻ لڳو: تو وٽ اهو موتي ڪٿان آيو؟ ان نيڪ ماڻهو جواب ڏنو ته: اسان کي اللہ  پاڪ اهو رزق عطا ڪيو آهي۔ جوهري چيائين: اهو وڏو قيمتي موتي آهي، منهنجو خيال آهي هن جي قيمت ٽيھ(30) هزار درهم آهي، توهان هيئن ڪيو ته فلاڻي جوهري وٽ هليا وڃو، هو توکي ان جي سڄي قيمت ڏئي سگھندو۔ پوءِ اهو نيڪ شخص هن موتي کي کڻي ٻئي جوهري وٽ پهتو۔ جڏهن ان قيمتي موتي ڏٺو ته هو به ان کي ڏسي حيران ٿيو ۽ پڇيائين: هي تو وٽ ڪٿان آيو؟ عابد ساڳيو جواب ڏنو ته هي اسان کي اللہ  پاڪ جي طرفان رزق عطا ڪيو ويو آهي۔ جوهري چيو: هن جي قيمت گھٽ مان گھٽ ستر(70) هزار (درهم) آهي، مون کي ته ان شخص تي افسوس ٿي رهيو آهي جنهن توکي ايترو قيمتي موتي ڏنو آهي بهرحال ستر(70) هزار درهم وٺ ۽ اهو موتي مون کي ڏئي ڇڏ۔ جڏهن اهو عابد سموري رقم کڻي پنهنجي گھر پهتو ته ان وٽ هڪ سوالي آيو ۽ چيائين: مون کي هن مال مان ڪجھ ڏيو جيڪو توهان کي اللہ  پاڪ عطا ڪيو آهي۔ ان نيڪ شخص چيو: اسان به ڪل تائين توهان وانگر محتاج ۽ غريب هئاسين۔ هي وٺ تون هن مان اڌ مال کڻي وڃ۔ هي ڏسي ان سوالي چيو: اللہ  پاڪ توهان کي برڪتون عطا ڪري، مان ته اللہ  پاڪ جو هڪ ملائڪ آهيان، مون کي توهان جي آزمائش جي لاءِ موڪليو ويو آهي۔ )عيون الحڪايات،الحڪايۃ الخامسۃ عشر بعد المائۃ، ص ۱۳۳ملخصاً(

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اللہ  پاڪ جي راھ ۾ مال خرچ ڪرڻ ۽ هڪ محتاج جي مدد جي برڪت سان ان غريب شخص کي ڪيتري قدر مال عطا ڪيو ويو۔ يقيناً اها ڳالھ سچ آهي ته جيڪو پنهنجي ڪنهن مسلمان ڀاءُ جي مدد ڪندو آهي، اللہ  ڪريم به ان جي مدد ڪندو آهي۔ جيڪو ڪنهن تي رحم ڪندو آهي اللہ  پاڪ به ان تي رحم فرمائيندو آهي۔ ياد رکو! صدقو ۽