Book Name:Fazail e Sadqat

خَيرات ڪرڻ سان مال ۾ ڪا ڪمي ناهي ٿيندي۔ راھ خدا ۾ خرچ (Spend) ڪيو وڃي ته ان جو ثواب به ملندو آهي ۽ ان جي برڪت سان مال ۾ خيرو برڪت به ٿيندي آهي۔ پر اها سعادت انهن ماڻهن کي ملندي آهي جيڪي پنهنجي دل ۾ مال جي محبت نٿا رکن ۽ ٻين جي حاجت کي پنهنجي حاجتن تي ترجيح ڏيندي، اللہ  پاڪ جي رضا خاطر انهن جي مدد ڪن ٿا۔ جيئن ته بيان ڪيل حڪايت ۾ ان غريب شخص پنهنجي سڄي ڏينهن جي ڪمائي اللہ  جي رضا جي لاءِ صدقو ڪري ڇڏي ۽ صدقي جي برڪت سان ملڻ واري مال مان به اڌ مال راھِ خدا ۾ ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو۔ ياد رکو! راھ خُدا ۾ خَرچ ڪرڻ، اِنسان جي پنهنجي ذات جي لاءِ ئي فائديمند آهي، جيڪي ماڻهو دل کولي نيڪي جي ڪمن ۾ خرچ ڪن ٿا، غريبن محتاجن جي مدد ڪن ٿا اُنهن جي مال ۾ حيرت انگيز طور تي ڏينهن رات ٻيڻ تي ترقّي ۽ برڪت ٿيندي آهي۔ جيئن سيپارو 3 سُوْرَۃُ الْبَقَرَۃ آيت نمبر 261 ۾ ارشاد آهي:

مَثَلُ الَّذِیْنَ یُنْفِقُوْنَ اَمْوَالَهُمْ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ كَمَثَلِ حَبَّةٍ اَنْۢبَتَتْ سَبْعَ سَنَابِلَ فِیْ كُلِّ سُنْۢبُلَةٍ مِّائَةُ حَبَّةٍؕ-وَ اللّٰهُ یُضٰعِفُ لِمَنْ یَّشَآءُؕ-وَ اللّٰهُ وَاسِعٌ عَلِیْمٌ(۲۶۱)

ترجمو ڪنزالايمان: انهن جو مثال جيڪي پنهنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچ ڪندا آهن اُن داڻي وانگر جنهن ڄمايا ست سنگ هر سنگ ۾ سؤ داڻا الله ان کان به وڌيڪ وڌائي ٿو جنهن لاءِ گهري، ۽ الله وسعت وارو علم وارو آهي.

بيان ڪيل آيتِ سڳوري تحت تفسيرِ صراطُ الجنان جلد 1 صفحه 395 تي آهي: راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ وارن جي فضيلت هڪ مثال جي ذريعي بيان ڪئي پئي وڃي ته اهو ائين آهي جيئن ڪو ماڻهو زمين ۾ هڪ داڻو ٻج پوکيندو آهي جنهن مان ست سنگ نڪرندا آهن ۽ هر سنگ ۾ سو داڻا پيدا ٿيندا آهن۔ ڄڻ هڪ ٻج کي داڻي طور تي پوکيندڙ ست سو ڀيرا وڌيڪ حاصل ڪري ٿو، اهڙي طرح جيڪو شخص راھ خدا ۾ خرچ ڪندو آهي اللہ  تعاليٰ ان