Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

عبادت میں گزرے مِری زِندگانی      کرم ہو کرم یا خدا یا اِلٰہی

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت مان جتي اهو معلوم ٿيو ته نيڪ ماڻهن جي وسيلي سان گھريون ويندڙ دُعائون قبول ٿينديون آهن اتي ان ٻار جو نماز جو ذوق ۽عِبادت جو شوق به معلوم ٿيو ته ان پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي نماز کي ترجيح ڏني ۽ اَذان ٻڌي نه صرف پاڻ نماز جي لاءِ مسجد ۾ ويو بلڪ ان شخص کي به نماز جي دعوت ڏئي پاڻ سان گڏ مسجد وٺي ويو۔ افسوس صد افسوس! جيئن جيئن اسان زمانَه رِسالت کان پري ٿيندا پيا وڃون نمازن جي معاملي ۾ اسان جون سُستيون مُسلسل وڌنديون پيون وڃن، اڄ اسان جي ڪنن ۾ به اَذان جو آواز ايندو آهي پر اسان پنهنجي ڪم ڪار جي مصروفيتن يا رڳو سُستي (Laziness) جي ڪري نماز ئي قضا ڪري وٺندا آهيون جڏهن ته گُناھ ڪرڻ جي لاءِ اسان جي سُستي هڪدم چُستي ۾ بدلجي ويندي آهي۔ ڪي ماڻهو ته اهڙابه آهن جو جڏهن انهن جون هڪ يا ڪجھ نمازون رهجي وينديون آهن ته ڪيئي ڪيئي مهينن تائين ڄاڻي واڻي نماز نٿا پڙهن، جيڪڏهن ڪو دين جو درد رکندڙ اسلامي ڀاءُ اُنهن تي انفرادي ڪوشش ڪندي نمازن جي ترغيب ڏياري ته چوندا آهن ”اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ ايندڙ جمعي کان ٻيهر نمازون پڙھڻ شُروع ڪندس يا رَمضان کان باقاعدي نمازن جو اهتمام ڪندس“ ائين ڪنهن قِسم جي شرم ۽ جِھجڪ جي بِغير وڏي دليري سان مَعَاذَ الله عَزَّ وَجَلَّ هن ڳالھ جو ڄڻ ته ا ِقرار ڪيو ويندو آهي ته نمازون تَرڪ ڪرڻ جو اهو ڪبيره گُناھ، مان جُمُعي جي ڏينهن تائين يا رمضانُ المبارڪ تائين مُسلسل جاري رکندس۔ شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄ گھرن ۾ اتفاق ناهي، روز روز جھيڙا