Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

جهٽا عام جام آهن، هر هڪ رِزق ۾ بي برڪتي جي ڪري پريشان آهي، والدين نافرمان اولاد جي سبب بيزار آهن۔

   مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور ڪريو! اسان سان ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟ اسان ڇو انهن پريشانين جا شِڪار ٿيندا پيا وڃون؟ شايد ان جو سبب هي آهي ته اڄ اسان اللہ  پاڪ ۽ ان جي رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانن تي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ رات ڏينهن انهن جي نافرماني وارن ڪمن ۾ مشغول آهيون۔ جيڪڏهن اسان پاڻ نمازن کان پري رهنداسين ۽ پنهنجن ٻارن کي به نماز جي ترغيب نه ڏيارينداسين ته ياد رکو! ايندڙ ڏينهن ۾ اسان کي ساڳين پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو۔ ڪنهن چوٽ ڪندي ڪيترو بهترين چيو آهي ته

جوکچھ ہیں وہ سب اپنے ہی ہاتھوں کے ہیں کر تُوت            شکوہ  ہے  زمانے  کا  نہ  قسمت  کا گِلہ ہے

دیکھے   ہیں  یہ   دن   اپنی   ہی غفلت  کی  بدولت                   سچ  ہے  کہ  بُرے  کام  کا  اَنجام  بُرا ہے

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي اسان جي گھرن ۾ پريشانين، بيمارين، لڙائي جھڳڙن ۽ تنگدستين جي گھڻائي آهي ان جو سبب اللہ  پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَحڪامن جي خلاف ورزي به ٿي سگھي ٿي۔ تنهنڪري زندگي کي غنيمت (Plunder) سمجھندي سچي توبه ڪريو ۽ نمازن جي پابندي شُروع ڪري ڇڏيو نه ته ياد رکو! ڄاڻي واڻي نماز قَضا ڪرڻ گناھ ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ جيئن ه اللہ  عَزَّ وَجَلَّ سيپاري 16،سُورَه مَريم جي آيت نمبر59 ۾ اِرشاد فرمائي ٿو:

فَخَلَفَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوةَ وَ اتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوْفَ یَلْقَوْنَ غَیًّاۙ(۵۹) (پ۱۶،سورہ مريم:۵۹)

 ترجمو ڪنز الايمان: پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي جاءِ تي اهي نالائق آيا جن نمازون وڃايون ۽ پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳا عنقريب پوءِ اهي دوزخ غيّ جو جھنگ ڏسندا.