Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

هو مسجد ۾وڃي ويهي رهيو جڏهن اسان مغرب جي نماز ادا ڪئي ته مون ان کي چيو: هاڻ اسان جي گھر هلو ان جواب ڏنائين: عشاء جي نماز پڙھي هلنداسين عشاء جي نماز پڙهڻ کان پوءِان کي مان پنهنجي گھر وٺي آيس جنهن ۾ ٽي ڪمرا هئا: هڪ منهنجو ۽ منهنجي گھرواريءَ جو هو، ٻئي ۾ اسان جي 20 سال کان معذور(Excusable) نياڻي هئي ۽ ٽيئن ۾ اسان جو مهمان هو، رات جي آخري حصي ۾ اوچتو ڪنهن در کڙڪايو مون پڇا ڪئي: ڪير آهي؟ ته آواز آيو: مان اوهان جي فلاڻي نياڻي آهيان؟ مون چيومانس: اها ته 20 سالن کان معذور آهي ۽ گھر ۾ پيل گوشت جو هڪ ٽڪرو آهي اها ڪيئن چڱي ڀلي ٿي هلي سگھي ٿي؟ اهو ٻڌي اها چوڻ لڳي: مان اوهان جي اها ئي نياڻي آهيان، اوهان در ته کوليو، جڏهن مون دروازو کولي ڏٺو ته اها بلڪل صحيح بيٺل هئي اسان ان کان پڇيو: اسان کي ٻڌاءِ تون ڪيئن شِفاياب ٿئين؟ ته ان ٻڌايو ته مون اوهان کي ان مهمان جو ڀلائي سان ذِڪر ڪندي ٻڌو ته منهنجي دل ۾ اها ڳالھ آئي ته مان اللہ  پاڪ جي بارگاھ ۾ ان جو وسيلو پيش ڪريان ته هو منهنجي تڪليف پري ڪندو، ته پوءِ مون عرض ڪيو: يا اللہ ! تنهنجي بارگاھ ۾اسان جي هن مهمان جي عظمت جو صدقو! منهنجي تڪليف ختم فرماءِ ۽ مون کي عافيت عطا فرماءِ ۔ اها دعا ڪندي ئي مان سڌو بيهي رهيس،جيئن اوهان مون کي ڏسي رهيا آهيو۔ اها ڳالھ ٻڌي مان پنهنجي مهمان ڏانهن ويس ته گھر ۾ نه هو دروازي وٽ آيس ته اهو به بند ڏٺو، اهو ٻڌڻ کان پوءِ حضرت سيدُنا معروف ڪرخي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن ارشاد فرمايو: ها! واقعي اَولياء ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اجمعين ۾ ننڍا وڏا سڀئي هوندا آهن۔

                                                                            ( الروض الفائق ، با ب في مناقب الصالحين،ص ۱۰۹ ملخصا)