Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

جو خلاصو آهي: ”سلام ڪرڻ وقت دل ۾ اها نيّت هجي ته جنهن کي سلام ڪري رهيو آهيان ان جو مال ۽ عزت، آبرو سڀ ڪجھ منهنجي حفاظت ۾ آهن ۽ مان انهن مان ڪنهن شيء ۾ دخل اندازي ڪرڻ حرام سمجھان ٿو“ (3) ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ بار بار اچ وڃ ٿئي، اتي موجود مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي (4) سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ سنّت آهي (5)سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو الله عَزَّوَجَلَّ جو مُقرّب آهي (6) سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان به بَري آهي جيئن منهنجي مڪي مدني آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان آهي: سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان بَري آهي۔ (شعب الايمان ج 6 ص 433 حديث 8786)(7) سلام (۾ اڳرائي) ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿينديون آهن. (کيميائے سعادت) (8) اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملن ٿيون، گڏوگڏ وَرَحْمَۃُ الله به چوندا ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽ وَبَرَکَاتُہٗ شامل ڪندؤ ته 30 نيڪيون ٿي وينديون۔ ڪي ماڻهو سلام سان گڏ جنّت المقام ۽ دوزخ الحرام جا الفاظ به وڌائيندا آهن اِهو غلط طريقو آهي، بلڪ ڪي ته مَعاذالله عَزَّوَجَلَّ ايتري تائين بڪندا آهن، اوهان جا ٻار اسان جا غلام. منهنجا آقا اعليٰ حضرت، امام اهلسنّت، مُجَدّد دين ۽ ملت مولانا شاهه امام احمد رضا خانعَلَيْهِ رَحْمَةُ الرَّحْمٰن فتاويٰ رضويه جلد 22 صفحي 409 تي فرمائن ٿا؛ گھٽ ۾ گھٽ اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ ۽ ان کان بهتر وَرَحْمَۃُ الله ملائڻ، ۽ سڀ کان بهتر وَبَرَکَاتُہٗ شامل ڪرڻ ۽ ان کان علاوه زيادتي ناهي۔ پوءِ سلام ڪرڻ واري جيترن لفظن ۾ سلام ڪيو آهي جواب ۾ ايترا الفاظ موٽائڻ ضروري آهي ۽ افضل اهو آهي ته جواب ۾ زياده چئي۔ هُن اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چيو ته هي وَعَلَیْکُمُ السَّلامُ وَرَحْمَۃُ الله چوي ۽ جيڪڏهن