Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

سگھن۔ (فتح الباري، ڪتاب التفسير، باب قوله (وَلَوْلَاۤ اِذْ سَمِعْتُمُوۡه قُلْتُمۡ)،۹/۳۹۰، تحت الحديث:٤٧٥٠)

عورت اجنبي مرد جي لاءِ مٿي کان پيرن تائين پردي لائق (يعني لڪائڻ جي شيءِ ) آهي (مراٰۃ المناجيح ،پردي ڪے احڪام،پهلي فصل، ۵/۱۳) ۽ لڪايو انهيء شيء کي ويندو آهي جنهن کي غير جي نگاهن کان بچائڻ مقصود هوندو آهي ۽ غير مان مُراد ڪير آهي؟ ان جي باري ۾ الله عَزَّ وَجَلَّ جي پياري حبيبصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشَاد فرمايو آهي:عورت پردي ۾ رهڻ جي شيء آهي، فَاِذَا خَرَجَتْ اِسْتَشْرَفَھَا الشَّيطَانُ۔ يعني جڏهن اها ٻاهر نڪرندي آهي ته شيطان ان کي نِگاھ کڻي کڻي ڏسندو آهي۔

(ترمذي،ڪتاب الرضاع،١٨-باب،٢/٣٩٢، حديث:١١٧٦)

مُفَسِّرِ شَهير، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا ته اِسۡتِشرَاف جي معنيٰ آهي ”ڪنهن شيء کي غور سان ڏسڻ“ يا ان جي معنيٰ آهي ”ماڻهن جي نگاھن ۾ چڱو ڪرڻ ته جيئن ماڻهو ان کي غور سان ڏسن“ يعني عورت جڏهن بي پردهه هوندي آهي ته شيطان ماڻهن جي نگاھ ۾ ان کي سهڻو رکندو آهي ته اهي هروڀرو ان کي تڪندا آهن، مشهور چوڻي آهي ته پَرائي عورت ۽ پنهنجي اولاد سٺي لڳندي  آهي ۽ پَرايو مال ۽ پنهنجو عقل وڌيڪ معلوم ٿيندو آهي۔  (مراٰۃ المناجيح ،پردي کے احڪام، دوسري فصل، ۵/۱۷)

کریں اسلامی بہنیں شرعی پردہ
عطا ان کو حَیا شاہِ اُمَم ہو

(وسائلِ بخشش،ص۳۱۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پردو صرف عورتن جي لاءِ ئي ڇو؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسلام يقيناً اهڙو پاڪ مذهب آهي جيڪو عورت جي