Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

جي لاءِ اجنبي مَرد ۽ عَورت جو هڪ ٻئي سان پردو ڪرڻ، خَلوَت (اڪيلائپ) ۾ هرگز گڏ نه ٿيڻ ۽ بد نگاهي کان بچڻ يعني پنهنجي نِگاهن جي حِفاظت ڪرڻ نهايت ضروري آهي، ڇوته شَهوت پهريان مَرد ۽ عَورت جي دل ۾ هڪٻئي جي قُربت ئي جو شوق پيدا ڪندي آهي، قُرب حاصِل ٿيڻ کان پوءِ ڳالھ ٻولھ جا سلسلا شروع ٿيندا آهن ۽ پوءِ اها ڳالھ ٻولھ اڳتي پاڻ ۾ کل ڀوڳ ۽ بي تڪلُّفي جو رُوپ اختيار ڪندي آهي، جيڪڏهن پهريان عشقِ مجازي جو ڀوت مٿي تي سُوار نه به ٿيو هجي يا ٻنهي مان ڪنهن هڪ ئي جي دل ۾ عشق پيدا ٿيو هجي، ۽ جِھجڪ جي ڪري ان جو اِظهار نه ڪيو ويو هجي، ته ان بي تڪلُّفي کان بعد ته عام طور عشق ٿي ئي ويندو آهي ۽ ان جو اِظهار به آساني سان ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ اهو هڪ طرفو عشق، ٻه طرفو ٿي ڪهڙين ڪهڙين آفتن ۽ گُناهن ۾ مبُتلا ڪندو آهي، ان جو هر عقلمند اندازو ڪري سگھي ٿو۔ اچو! عشق ِمجازي جي آفتن، مذمتن ۽ هلاڪتن جي باري ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطّار قادري رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي تحرير ڪيل 616 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”نيڪي ڪي دعوت“ جي صفحي 40 کان 43 تائين مان ڪجھ اِقتِباس ٻڌون ٿا،

عشقِ مجازي جون تباهه ڪاريون

شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه عشقِ مجازي جون تَباھ ڪاريون بيان ڪندي فرمائن ٿا ته عشق مجازي جو اهڙو عجيب و غريب معاملو آهي عام طور جيڪو هڪ ڀيري ان جي وڪڙ ۾ اچي وڃي، ان جو ان مان بچي نڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. اڄڪلهه عشق مجازي جي باهه تيزيءَ کان ڦهيلجي رهي آهي، هن جو سڀ کان وڏو سبب اڪثر مسلمانن ۾ اسلامي معلومات جي گھٽتائي ۽ ديني ماحول کان دوري آهي، انهيءَ ڪري هر پاسي گناهن جو