Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

چڙچڙاپن گهريلو ماحول جي لاءِ انتهائي نقصان جو سبب بڻجي رهيو آهي. زال مڙس ۾ جهڳڙا ٿي رهيا آهن ۽ خانداني نظام بري طرح سان متاثر ٿي رهيو آهي. هن وقت اها ئي موبائل فون روڊ ايڪسيڊنٽ جو سبب به بڻجي رهيو آهي، سخت قانون جي باوجود به ڪيترائي ماڻهو گاڏي هلائيندي وقت موبائل تي گفتگو ڪرڻ يا گانا باجا ٻڌڻ ۾ ايترا مصروف هوندا آهن جو پٺيان اچڻ وارين گاڏين جو هارن نه ٻڌڻ جي سبب سان خطرناڪ حادثن جو شڪار ٿي ويندا آهي.

نگاهه جي اهميت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! موبائل فون جي انهن نقصانات کان بچڻ جي لاءِ ضرورتًا سادو موبائل استعمال ڪريو ۽ ان جي ذريعي به فضول sms، يا نا محرمن سان ميل جول کان باز رهو، ايسيتائين جو ڪنهن اجنبيّه عورت تي نظر پوي ته ان کي اکيون ڦاڙي ڏسڻ جي بجاءِ فورًا نگاهون هيٺ جهڪايو، ڇو ته عمومًا نامحرمن سان ميل جول ۽ تعلقات وڌائڻ جي ابتدا ئي بدنگاهي سان ٿيندي آهي جيڪڏهن پهرين ئي انهي دروازي کي بند ڪيو وڃي ته ان خرافات کان بچڻ آسان ٿي سگهي ٿو. مگر بد قسمتي سان اڄ ڪلهه اکين جي حفاظت نه ٿي ڪئي وڃي ۽ انهن کي حرام ڏسڻ ۾ مصروف رکيو وڃي ٿو ياد رکو! اسان جو هي اکيون الله عَزَّوَجَلَّ جي تمام وڏي نعمت آهي. ان جي ذريعي جٿي اسان حلال شين کي ڏسي ڪري نيڪيون حاصل ڪري سگهون ٿا اتي ان جو غلط استعمال ڪندي عذاب جا حقدار به بڻجي سگهون ٿا. مثلًا جيڪڏهن فرمانبردار اولاد پنهنجي ماءُ کي محبت ڀري نظر سان ڏٺو ته هڪ مقبول حج جو ثواب ماڻيندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن غير محرم کي شهوت سان ڏٺو ته عذابِ نار جو حقدار بڻجندو ڇو ته غير محرم کي ڏسڻ اکين جوزنا آهي. جيئن ته