Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

برپا ٿي ويندو آهي جو اهي پنهنجي گناهن ڀري زِندگي کان توبه ڪري نيڪين جي راھ تي گامزن ٿي ويندا آهن اچو انهيء باري ۾ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا۔

اڪيلو درس ڏيڻ جي بَرَڪت

لائنز ايريا (باب المدينه ڪراچي) جي اسلامي ڀاءُ ڪجھ هن طرح بيان ڏنو ته مان پنهنجي گھر جي ڇَت تي بيٺو هيس ته منهنجي نظر گھٽي ۾ بيٺل دعوتِ اسلامي جي هڪ باعِمامه اسلامي ڀاءُ تي پئي جيڪو اڪيلو ئي چوڪ درس ڏئي رهيو هو هڪ به اسلامي ڀاءُ درس ٻڌڻ جي لاءِ نه ويٺو هو مان هونئن ته دين کان عملي طور تي ايتري قدر پري هيس جو سَبز عمامي وارن کي ڏسي ڪري ڀڄي ويندو هئس، پر الائي ڇو هن کي اَڪيلو درس ڏيندي ڏسي ڪري مون کي ترس اچي ويو، سوچيم ته هن سان ڪير به ناهي بيٺو! ته هلو ڀلا مان ئي بيهان ٿو، سو مان چوڪ درس ۾ شريڪ ٿي ويس منهنجو چوڪ درس ۾ شريڪ ٿيڻ منهنجي اِصلاح جو سبب بڻجي ويو ۽ مان مدني ماحول سان وابسته ٿي ويس هي، بيان ڏيڻ وقت اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ پنهنجي علائِقي جي مدني اِنعامات جو ذميدار آهيان، هڪ اهو ڏينهن هو جو سَبز عمامي وارن کي ڏسي ڪري ڀڄي ويندو هئس ۽ اڄ اهو ڏينهن آهي جو پاڻ منهنجي مٿي تي سَبز سَبز عِمامي جو تاج جڳمڳ ڪري رهيو آهي. (غيبت جون تباھ ڪاريون،ص۱۳۶)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

”ويلنٽائن ڊي“ جون خُرابيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄڪلھ مسلمانن جي عملي حالت ڪافي خراب ٿيندي پئي وڃي مُسلمان ديني تعليمات کي ڇڏي اَغيار جون عادتون ۽ طور طريقا اپنائڻ ۾ وڏو فخر محسوس ڪري ٿو خاص ڪري انهن جي خاص ڏيهاڙن کي ملهائڻ جي لاءِ خُوب پيسو برباد ڪري، وقت ضائع ڪري ۽ بدنگاهي، شراب