Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

پهچي ويو، اڄ جي بيان ۾ اسان انهيء مُناسبت سان نصيحت جا مدني گل حاصل ڪنداسين۔ اچو! سڀ کان پهريان هڪ عبرت انگيز واقعو ٻڌون ٿا، جيئن

 شيطان جو ڄار

حضرت سَيدُنا عبدالرحمٰن بن زياد رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: ”هڪ ڀيري حضرت سَيدُنا مُوسيٰ عَلى نَبِينَا وعَلَيه الصَّلوٰةُ والسَّلام محفل ۾ تشريف فرما هئا ته شيطان سندن وٽ آيو، ان پنهنجي مٿي تي مختلف رنگن واري وڏي ٽوپي پاتل هئي، ابليس سندن ويجھو آيو ۽ رنگين ٽوپي لاهي سندن اڳيان رکي ڇڏي، پوءِ چوڻ لڳو: اي موسيٰ (عَلَيه السَّلام)! اوهان تي سلامتي هجي۔

 حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلى نَبِينَا وعَلَيه الصَّلوٰةُ والسَّلام ان کان پڇيو: ”تون ڪير آهين؟“ ان چيو: ”مان ابليس (شيطان) آهيان۔“ پاڻ هي ٻڌي فرمايائون: ”تون ابليس آهين، الله تعاليٰ تو کي سلامتي نه ڏئي بلڪه برباد ڪري، تون مون وٽ ڇو آيو آهين؟“ ان جواب ڏنو: ”الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ اوهان جو مرتبو نهايت بلند ۽ بَرتر آهي، اوهان الله عَزَّوَجَلَّ جا برگُزِيده پيغمبر آهيو، مان ان ڪري اوهان جي بارگاھ ۾ سلام عرض ڪرڻ آيو آهيان۔ پاڻ پڇيائون: ”هي مختلف رنگن واري ٽوپي ڇا آهي ۽ تو اها ڇو پاتي آهي؟“ ابليس جواب ڏنو: ”هي منهنجو ڄار آهي، مان ان جي ذريعي ماڻهن جي دِلين کي شڪار ڪندو آهيان، انهن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائيندو آهيان ۽ انهن تي حاوي ٿي ويندو آهيان۔“ اهو ٻڌي پاڻ عَلى نَبِينَا وعَلَيه الصَّلوٰةُ والسَّلام فرمايائون: ”ڪهڙي سبب تون نيڪ ماڻهن تي حاوي ٿي ويندو آهين؟“ شيطان چيو: ”جڏهن انسان (پنهنجي عملن تي) مغرور ٿي وڃي، پنهنجي نيڪين کي تمام وڌيڪ شُمار ڪرڻ لڳي ۽ گُناهن کي وساري ڇڏي ته مان ان تي غالب اچي ويندو آهيان ۽ ان کي مضبوطي سان پڪڙي وٺندو