Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

جهانِ فاني مان لاڏاڻو ڪري ويندڙن سان پردو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! افسوس! اڄڪلھ خواتين پردي جي مُعاملي ۾ مختلف حيلا بهانا ڪنديون آهن ۽ پردي جي معاملي ۾ سستي جو شڪار نظر اينديون آهن جيڪڏهن اسان صحابيات طيبات رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْهنَّ جي سيرت جو مطالعو ڪيون ته معلوم ٿئي ٿو ته انهن نه صرف زندھ ماڻهو کان پردو ڪيو بلڪه جهانِ فاني مان لاڏاڻو ڪري ويندڙن سان به پردي جو اِهتِمام ڪري تاريخ جي سنهري ورقن ۾ رنگ ڀري ڇڏيو۔ جيئن،  

اُمُّ الْمُومِنِين حضرت سيدَتُنا عائشه صِدِّيقه رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْها فرمائن ٿيون: جڏهن مان پنهنجي ان گھر ۾ داخِل ٿيندي هيس جنهن ۾ رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ منهنجا والِد مدفون آهن ته ان خيال سان پنهنجو رئو نه اوڍيندي هئس ته هتي  ته منهنجا مڙس ۽ والِد آهن، پر جڏهن کان عُمَر فاروق رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْه اتي دفن ٿيا ته خُدا جو قسم! مان انهن کان شَرم جي سبب با پرده حاضِر ٿيندي آهيان۔

                                  (مسند احمد، مسند عائشه رضي الله عنھا، ١٠/۱۲، حديث:۲۵۷۱۸)

حدِيث جي شرح

حڪيمُ الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه مِراٰةُ المناجيح جلد 2 صَفحي 527 تي هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: يعني جيستائين منهنجي حُجري ۾ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ حضرت ابوبڪر صِدِّيق (رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْه) دفن رهيا تيستائين ته مان مٿو کولي يا ڍڪي هر طرح حُجري شريف ۾ هلي ويندي هئس ڇوته نه خاوند سان حِجاب ٿيندو آهي نه والِد سان، (پر) جڏهن کان حضرتِ عُمَر رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْه منهنجي حُجري ۾ دَفن ٿيا تڏهن کان مان بغير چادر اَوڍي ۽ پردي جو پورو اِهتِمام ڪرڻ بنا حُجري شريف ۾ نه ويس ڇوته حضرتِ عُمَر
رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْه  سان شَرم ۽ حياءُ ڪيان ٿي۔