Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

عشقِ مجازي ۾ موبائل جو ڪردار

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن حقيقت کان انڪار ناهي ته موجوده دور ۾ تمام ئي گھڻيون اخلاقي معاشرتي برائين سان گڏوگڏ عشقِ مجازي کي فروغ ڏيڻ ۾ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اڄ ڪلهه عمومًا نوجوان نفساني خواهشات کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ”ٽائيم پاس“ ڪرڻ جي آڙ ۾ ڪنهن نه ڪنهن غير محرمه سان فون نمبر تي رابطو ڪري ڇڏيندا آهن پوءِ sms، واٽس اپ يا فيس بڪ وغيره جي ذريعي ان تعلق کي وڌيڪ وڌائيندا آهن. ايئن ڪجهه ئي عرصي ۾ اجنبيت ختم ٿي ويندي ۽ بي حيائي ۽ عشقِ مجازي جو نه ختم ٿيڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي.

موبائل هڪ ذهني ۽ نفسياتي بيماري

موبائل فون جٿي نامحرم سان تعلقات قائم ڪرڻ ۽ حرام ڪمن ۾ مبتلا ٿيڻ جو سبب آهي. اتي ان جا ٻيا نقصانات به عام طور تي ڏسي سگهجن ٿا، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي اسان جا نوجوان پنهنجي تعليمي صلاحيت ۽ قابليت، پنهنجو وقت ۽ پيسه ضائع ڪرڻ سان باز ناهن ايندا. موبائل فون انسان جي جسم سان گڏ ان جي روح ۽ ذهن و دماغ کي به مختلف بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، انسان جو جسماني بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ ايتري قدر پريشان ڪندڙ ناهي جيتري قدر ان جو روحاني، ذهني ۽ دماغي بيماري ۾مبتلا ٿيڻ تشويشناڪ آهي ڇو ته روح جي بيماري انسان کي بد اخلاقي جي طرف وٺي ويندي آهي۽ ذهن و دماغ جو مرض انسان کي هڪ عجيب ڪشمڪش ۽ بي چيني  جهڙي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي ۽ انسان جي روشن مستقبل تي ڪارا داغ لڳائي ڇڏيندو آهي. موبائل جي سبب بلڊ پريشر، دل جي دوري ۽ چڙچڙاپن جهڙيون بيماريون پهرين جي مقابلي ۾ وڌي رهيون آهن ۽ هي