Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

ٽيو شيطان هوندو آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته شيطان مخلوقِ خدا کي جن هٿيارن سان پنهنجو شڪار بڻائيندو آهي انهن مان هڪ نامحرم عورتن سان گڏ تنهائي اختيار ڪرڻ به آهي ته جيڪڏهن ڪٿي مرد ۽ عورت اڪيلا هجن ته شيطان انهن کي گناهه جي طرف راغب ڪندو آهي. واقعي غير محرم سان خَلوَت (تنهائي) اختيار ڪرڻ گُناهن جي دروازي کي کولي ڇڏيندو آهي خاتَمُ الْمُرْسَلين، رَحمَۃٌ لّلْعٰلمين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عبرت نشان آھي: لَا يخْلُوَنَّ رَجَلٌ بِامْرَاَۃٍ اِلَّا کانَ ثَالِثَھُمَا الشَّيطَانُ ” جڏهن به  ڪو شخص ڪنهن اجنبي عورت سان گڏ  اڪيلائپ اختيار ڪندو آهي ، انهن سان گڏ ٽيون شيطان ضرور هوندو آهي

(ترمذي،کتاب الفتن،باب ماجاء في لزوم الجماعۃ،۴/۶۷ ،حديث: ۲۱۷۲)

مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه انهي حديث پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: يعني جڏھن ڪو شخص اجنبي عورت سان گڏ اڪيلائپ ۾ ھوندو آھي ڀلي اھي ڪيڏا به نيڪ ھجن ۽ ڪنهن (نيڪ) مقصد لاءِ (ئي) جمع ٿيا ھجن (پر) شيطان ٻنهي کي برائي تي ضرور اُڀاريندو آھي ۽ ٻنهي جي دلين ۾ ضرور ھيجان (جوش) پيدا ڪندو آھي، خطرو آھي ته گناهه ۾ وجهي ڇڏي! انهي لاءِ اھڙي اڪيلائي ۾ جمع ٿيڻ کان وڌيڪ احتياط ڪرڻ کپي گناھ جي سببن کان بچڻ به لازمي آھي، بخار روڪڻ جي لاءِ نزلي زڪام کي روڪيو۔ (مرآۃ المناجيح،۵/۲۱بتغير قليل)

     حضرت علامه عبدالرؤف مناوي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: ”جڏھن ڪا عورت ڪنهن اجنبي مرد سان گڏ اڪيلائپ ۾ گڏ ٿيندي آھي ته شيطان جي لاءِ ھي ھڪ  نفيس يعني زبردست موقعو ھوندو آھي، ھو انهن ٻنهي جي دلين ۾ خراب وسوسا وجهندو آھي، انهن جي شهوت (يعني بُري خواهش) کي ڀڙڪائيندو آھي،